جيڪب آباد: شهيد بادشاهه ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ فائيل ٿي گذري

جيڪب آباد (رپورٽ مھتاب احمد دشتي) جيڪب آباد ۾ پهريون ڀهرو شهيد بادشاه ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ٿي گزريو جنهن ۾ شهر جون نالي واري ٽيمن سان گڏو گڏ 132 ٽيمن  پڻ حصو ورتو۔ هي ٽورنامنٽ جيڪب آباد جي وڏي گرائونڊ اسپيشل فورس گرائونڊ تي ٿي گذري۔۽ ان مين A B C ليول مقابلا ٿيا۔ ۽ اڄ جو شاندار هڪ فائنل مئچ جيڪب آباد وڪٽوريا به مقابلا جيڪب آباد بلوچ لائن ۾ ٿيو۔ جيڪب آباد وڪٽوريا فائنل مئچ کٽي ٽورنامنٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو۔ مئچ جي دوران تعريفي پروگرام پڻ ٿيو جنهن ۾ تمام ٽيمن حصو ورتو۔ جنهن جا مهماني خاص جيل خانه جات مشير مير اعجاز خان جکراڻي صاحب ۽ مير هارون رشيد خان سومرو مير رحمت الله خان کوسو عطا محمد سومرو صاحب ۽ خاص مهمانن شرڪت ڪئي ۔جنهن ۾ مير اعجاز خان جکراڻي آزاد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪب آباد جي نوجوانن جو جزبو ڏسي ڏاڌي خوشي ٿي جيڪب آباد جي کلاڙين ۾ سٺو ٽيلينٽ موجود آهي ۽ مان سنڌ گورمنٽ طرفان انهن لاء سٽي گراونڊ جو بندوبست ڪندم ۽ انه سان گڏو گڏ کٽيل ٽيم کي 50هزار ۽ هاريل ٽيم کي 25هزار ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ۽ آخر ۾ ٽورنامنٽ سيڪريٽري نعيم خان سومرو ۽ سرفراز احمد شيخ جو ٿورائتو آهيان جو انهن اسان جي نوجوانن کي اسپوٽ جو جزبو ڏنو ۽ تمام ٽيمن جو شڪريا ادا ڪيو

Read Previous

قديمي امام بارگاهه ۾ مجلسون ۾ شهيد کي ڀيٽا پيش ڪندي

Read Next

اوٻاوڙو: رنگ پور جا واسي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي

Most Popular