پيرڳوٺ ۾ جوابدارن جو آبادگار جي گھر تي مبينا حملو، گھرڀاتين تي تشدد

پيرجوڳوٺ: پيرڳوٺ ۾ جوابدارن جو آبادگار جي گھر تي مبينا حملو، گھرڀاتين تي تشدد، احتجاج. رپورٽ موجب گذريل رات دير سان پيرڳوٺ جي ڪوٽ دينل شاهه ڪالوني ۾ جوابدارن آبادگار جمال الدين راهوجو جي گھر تي مبينا حملو ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ سان گڏ ڀڃ ڊاهه ڪئي. ان ڏس ۾ آبادگار جمال الدين راهوجو ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو ته سندس ڀاءُ جمن راهوجو جيڪو پوليس اهلڪار آهي جنهن 10 کان وڌيڪ هٿياربند وٺي منهنجي گھر تي حملو ڪري گھرڀاتين تي سخت تشدد ڪيو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي. هن چيو ته پيرڳوٺ پوليس کي اهڙي دانهن به ڏني آهي پر پوليس هن مهل تائين ڪنهن به قسم جي ڪاروائي نه ڪئي آهي. ٻئي طرف پوليس اهلڪار جمن راهوجو جو چوڻ آهي ته سندس ڀاءُ سان زمين جي ورهاست تان معاملو هلندڙ ۽ ٺاهه لاءِ منٿ ميڙ وٺي ويس، ڪنهن به قسم جو هن تي حملو يا تشدد نه ڪيو آهي.

Read Previous

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو عرس،سنڌ ۾ 2 آڪٽوبر تي موڪل جو اعلان

Read Next

گڏاپ ۾ تحريڪ انصاف ويلفئر ونگ ضلع اولھ جي عھديدارن جي ڪارنرگڏجاڻي

Most Popular