گڏاپ ۾ تحريڪ انصاف ويلفئر ونگ ضلع اولھ جي عھديدارن جي ڪارنرگڏجاڻي

گڏاپ : ڪالھ پاڪستان تحريڪ انصاف ويلفئر ونگ ڪراچي ڊويزن جي صدر علي جان قريشي،پرويز احمد جنرل سڪريٽري، ضلع اولھ جي صدر ملڪ اشتياق، نائب صدر ذوالفقار صديقي، جنرل سڪريٽري آصف تنولي، جوائنٽ سڪريٽري رفيق ڀائي، سان گڏ ضلع اولھ جي ڪارڪنن عھديدارن جي ڪارنر گڏجاڻي گلشن معمار ۾ ٿي گذري ان موقعي تي مقررين ڪارڪنن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي  چيو ته وزيراعظم پاڪستان عمران خان سياست کي ھيٺين سطح تي آڻي، ويلفئر ونگ، ۽ ٽائون ليول تي تنظيم سازي ڪري عوام جي مسئلن کي ھل ڪرڻ لاء ڪوششون ڪري رھيو آھي انھن چيو ته پي ٽي آء حڪومت جا ٻه سال بلڪل ڏکيا گذريا آھن پر ايندڙ ٽي سال عوامي ڀلائي لاء بھترين ڪارڪردگي جا ھوندا، ايندڙ ٽن سالن ۾ بيروزگار نوجوانن کي آساني  سان قرض ڏنو ويندو، ماڻھن کي صحت ڪارڊ ڏنا ويندا، ماڻھن جي مشڪلاتن کي وزيراعظم سمجھي رھيو آھي ان ڪري ويلفئرونگ تيار ڪري رھيو آھي جيئن عوامي ڀلائي جا ڪم ڪري سگھون،جيئن عوام کي لاڀ ملي سگھي، انھن چيو ته پيپلزپارٽي جي ٻارنھن سال حڪومت ڪراچي شھر کي بي يارو مددگار بڻائي ڇڏيو،انھن چيو ته پ پ حڪومت جا ڪم صرف ڪاغذن ۾ ھوندا آھن، انھن چيو ته تازو سنڌ گورنمينٽ جانورن کي مڇرن کان بچائڻ لاء 62 ڪروڙ جون مڇرداڻيون خريد ڪندي جيڪي به انھن جي پنھنجي رکيل ذاتي مال جي فارمن ۾ استعمال ٿيندا، بس ڪاغذن ۾ لکيو ويندو ته ھت ڏنا ھت ڏنا ڪم پورو پئيسه هزم، انھن وڌيڪ چيو ته پ پ حڪومت ڪراچي کي ڪچري جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي، انھن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قوم کي پي ٽي آء حڪومت چور لٽيرن سياستدانن کان بچائي سگھي ٿي انشاء الله پاڪستان ايندڙ ٽن سالن ۾ ترقي يافتا ملڪن ۾ شمار ٿيندو، انھن چيو ته اسان عوام جي ھر مشڪل ۾  عوام سان گڏ آھيون،

Read Previous

پيرڳوٺ ۾ جوابدارن جو آبادگار جي گھر تي مبينا حملو، گھرڀاتين تي تشدد

Read Next

اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه نيب آڏو پيش ٿي بيان جمع ڪرائي ڇڏيو

Most Popular