بلاول ڀٽو ۽ فريال ٽالپور جي تڪ رتوديرو ۾ صفائي جو نظام درهم برهم، صفائي وارو عملو غائب

رتوديرو :   پاڪستان پيپلزپارٽي جو ڳڙھ ايم اين اي بلاول ڀٽو، ايم پي اي فريال ٽالپور جي تڪ رتوديرو شهر کي ميونسپل ڪاميٽي گندگي جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو صفائي نه ٿيڻ ڪري وک وک تي گندگي جا ڍير پيل ۽ ناليو اڀرڻ روز جو معمول بڻيل آھي، گندگي جي آزار سبب ستايل ڀٽا وانڍ جي رهواسين سلطان سولنگي، لياقت علي گهانگهرو، ڪاشف گهانگهرو، علي گل نوناري، سجاد علي مڱريو، صدام چنو، امير سومرو، علي گل نوناري، محمد ايوب سولنگي ۽ ٻين احتجاج بعد عوامي پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پاڪستان پيپلزپارٽي جا ورڪر آھيو اسان سان ميونسپل ڪاميٽي وارن ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ ڪيو ميونسپل ڪاميٽي انتظاميه ۽ مقامي اڳواڻن وٽ صفائي نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪري ٿڪجي پيا آھيون پر هنن اسان کي صرف آسرا ۽ دلاسا ڏنا آھن، ميونسپل ڪاميٽي ۾ ملازمن جي لوڌ ڀرتي ٿيل آھي پر انهن مان اڪثريت ويزا تي آھي جيڪي گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا ھرطرف پکڙيل گندگي سبب خطرناڪ بيماريون ۽ مڇر پکڙجي رهيا آھن ۽ ڪنو پاڻي گهٽين ۾ تلائن جو ڏيک ڏئي رهيو آھي، هنن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اسان حڪومت ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ٿا ڪريون ته ميونسپل ڪاميٽي انتظاميه جي نااهلي جو نوٽيس وٺي صفائي ڪرائي ڏين جيئن صاف سٿرو ماحول ۾ اسان سک جو ساھ کڻي سگهون

Read Previous

اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه نيب آڏو پيش ٿي بيان جمع ڪرائي ڇڏيو

Read Next

گهوٽڪي ۾ بدامني ، شھر مان هڪ ئي ڏينهن 2 موٽرسائيڪلون چوري

Most Popular