گهوٽڪي ۾ بدامني ، شھر مان هڪ ئي ڏينهن 2 موٽرسائيڪلون چوري

گهوٽڪي: گهوٽڪي ۾ بدامني جو جن بي قابو، شھر مان هڪ ئي ڏينهن 2 موٽرسائيڪلون چوري ٿي ويون، گهوٽا بازار مان شھري جي گهران 20 لکن کان وڌيڪ جي چوري ٿي وئي، پوليس ڪجهه به نه ڪري سگهي، خبرموجب گهوٽڪي ۾ پوليس جي نااهلي سبب بدامني جو جن بي قابو ٿي پيو آھي شھر جي سول اسپتال گهوٽڪي مان نامعلوم چوري اسپتال جي ڊاڪٽر ڪريم مهر جي سي ڊي 2018 ماڊل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا، جڏھن ته گهوٽا مارڪيٽ مان نامعلوم چور شھري ظفر علي رُڪ جي به موٽرسائيڪل چورائي ويا، ٻنهي موٽرسائيڪلن جي چورين جو اطلاع گهوٽڪي پوليس کي ڏنو ويو مگر پوليس ڪوبه قدم نه کڻي سگهي، ھوڏانهن گذريل رات گهوٽا مارڪيٽ مان نامعلوم چور شھري محمد حنيف آرائين جي گهر ۾ گهڙي ان گهر ۾ پيل 13 تولا سون، ۽ 3 لک 70 هزار روپيه روڪ چوري ڪري فرار ٿي ويا گهر ڌڻي محمدحنيف آرائين جو چوڻ هو ته نياڻي جي ڏاج لاء پيل سون به چوري ڪيو ويو آھي، شھر ۾ ٿيل ٽنهي واردارتن گهوٽڪي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو مگر پوليس ڪا به ڪاروائي نه ڪري سگهي آھي، جنهن سبب شھري پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آھن، هوڏانهن موئقف لاء ايس ايڇ او خالد ميمڻ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي مگر رابطو نه ٿي سگهيو،

Read Previous

بلاول ڀٽو ۽ فريال ٽالپور جي تڪ رتوديرو ۾ صفائي جو نظام درهم برهم، صفائي وارو عملو غائب

Read Next

ھينڊز پاران ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جا 90 نان فارمل اسڪول سخت ايس او پيز تحت کوليا ويا

Most Popular