حضرت سھڻي شاھ ڀٽائي رحمۃ اللّٰہ علیہ جو پيغام،
محمد فاروق ٻرڙو
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانھي ويل ويھڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو،
شاه عبدالطيف ڀٽائي رحمة الله عليہ جو 277 ھون عرس مبارڪ ٻہ آڪٽوبر يعني اڄ کان ڀٽ شاھ جي سھڻي ڌرتي تي شروع ٿي چڪو آهي،شاھ عبدللطيف ڀٽائي رحمۃ اللّٰہ علیہ دنيا جو اھو عظيم شاعر آهي، جنهن جو ڪلام علم جي پيالي جي مثال آهي،جنھن مان ڍڪ ڀريندا پر ٿيندا ٿا وڃون، شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جي فڪر کي پرکڻ ڪو عام ڪم ڪونھي، ان ڪلام کي ھڪ نظر سان ڏسنداسين تہ اھو ھڪ مخصوص ڪردار يا عمل لاءِ چيل نظر ايندو، شاهہ عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جي شخصيت دنيا جي اھا شخصيت آهي، جنهن ۾ دانشوري، شاعري، فلاسافي جا اھڃاڻ ته واضح آهن، پر شاه سائين جي ڪلام ۾ رهبر جي جھلڪ به نظر اچي ٿي، ڇا ڪاڻ ته سندس ڪلام ۾ ھر اھا شئي پوشيدا آهي، جيڪا انسانيت، انساني بقا، انساني حقن، بلڪه انساني زندگي جي ھر پهلوءَ سان لاڳاپيل آهي، شاه سائين پنهنجي ڪلام ۾ چٽيون نشانيون ڏنيون آهن، 277 سال گذري وڃڻ جي باوجود اڄ بہ ڀٽائي سرڪار جا بيت ۽ ڪلام اڄ جي دور لاءِ ائين محسوس ٿين ٿا، ڄڻ شاه عبدالطيف ڀٽائي رحمة الله عليه اڄ ڪلھ جي دور جو انسان ھو، اڄ جڏهن سڄي دنيا دھشتگردي جي باھ ۾ سڙي رھي آھي، انتهاپسندي پنهنجي عروج تي آهي، انسان انسان کي ڪھي کائي رهيو آهي، لڄون محفوظ نه آھن، عزتون محفوظ نه آهن، اھڙي صورتحال ۾ جڏهن ڀٽائي سائين جي ڪلام طرف غور ڪجي ٿو ته سائين جو پيغام امن، محبت ۽ ڀائيچاريء جو آهي،
شاه عبدالطيف ڀٽائي رحمة الله عليہ پنھنجي ڪلام ۾ سسئي، ماروي ٻين ڪردارن کي جھڙي طرح دليري ۽ بهادري جي علامت طور پيش ڪيو آهي اڄ جي دور ۾ اھڙي ئي ماروي ۽ سسئي جھڙي بھادر ۽ بي خوفائتي عورت ذات جي ھمت جي ضرورت آھي، شاه سائين پنهنجي ڪلام ۾ جھڙي طرح انتهاپسندي، قتل و غارت کي ننديو آهي، ساڳي ريت انسانيت سان پيار محبت جو درس به ڏنو آهي، سنڌ جيئن صدين کان امن ۽ سلامتي ۽ محبت جو گھوارو رھي آھي،جتي انتهاپسندي ۽ دھشتگردي جو تصور گناھ آھي، سنڌ جو ماڻهو امن پسند ۽ صوفي طبيعت جو پرچارڪ آهي، جنهن جو وڏو مثال صدين کان سنڌ ڌرتيءَ تي امن ۽ محبت جو قائم رھڻ آهي،انتھاپسندي ۽ دھشتگردي کي ھميشھ سھڻي لطيف سائينءَ جي ڌرتي ۾ رهندڙ ماڻهن نه صرف ننديو آهي، پر ان سان نفرت به ڪري ٿو ۽ سنڌ ڌرتيءَ تي اھڙي محبت ۽ اڪير جو اھو واضح ثبوت آهي، ته سھڻي لطيف سائينءَ پاڻ به ھن سنڌ ڌرتيءَ کي دعا ڪئي آهي،
دنيا ۾ اڄ امن ۽ سڪون ڄڻ ته موڪلائي ويو آهي، اقتصادي ويڙهه، پاڻ کي مٿانهون سمجھڻ ۽ ٻين کي گھٽ سمجھڻ ڄڻ دنيا جو منشور بڻجي چڪو آهي ۽ اڄ به دنيا جا ترقي يافتہ ملڪ توڙي ترقي پزير ملڪ ان ئي جستجو ۽ ويڙهه ۾ نظر اچن ٿا، ھر طرف بارود جي ڌپ ۽ بدبوءِ آهي، موت ھر طرف سستو ٿي چُڪو آهي، انسانيت ختم ٿي چڪي آهي، ڪٿي فرقيواريت، ڪٿي نسلي ته ڪٿي ڌن ۽ دولت تي قبضي لاءِ ماڻهو ماڻهوءَ جو دشمن بڻجي ويو آهي ۽ حالت اڄ اھا آھي جو گڏيل قومن جھڙو ادارو به اڄ بيڪار ۽ بي لاڀ ٿي چُڪو آهي، ۽ ڏاڍو سڀني تي ڳرو آهي،ڪير به ان کي روڪي نه ٿو سگهي، ۽ اھڙي صورتحال جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته دنيا اندر جھڙي طرح سھڻي لطيف سرڪار انسانيت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي، اھڙو پيغام شيڪسپيئر ۽ ٻين دنيا جي عظيم شاعرن ۽ دانشورن نه ڏنو آهي، اھو ئي سبب آهي جو اڄ به سنڌ جو ماڻهو نه صرف شاه عبدالطيف ڀٽائي سان محبت ڪري ٿو، پر ان جي ڏسيل امن ۽ محبت واري پيغام تي ھلي رھيو آھي،
اسين سمجھون ٿا ته دنيا جيڪڏهن انتهاپسندي ۽ دھشتگردي جي وجود کي ختم ڪرڻ چاھي ٿي ته ان کي سھڻي ڀٽائي سرڪار جي ڏسيل واٽ تي هلڻ گهرجي، جنهن جي ڏسيل واٽ نه صرف انسان کي ننڊ مان جاڳائي ٿي، پر ان ۾ اتساهه ٻين لاءِ جيئڻ، ھمت ۽ حوصلو بخشي ٿي، سڀ کان وڏي ڳالھ جيڪا لطيف سرڪاري جي ڪلام ۾ آهي،اھا آهي ته انسانيت سان محبت، جنهن جي ھن وقت سخت ضرورت آهي، اڄ جڏهن شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليہ جو 277 ھون عرس مبارڪ شروع آهي، ان جي مناسبت سان اسان کي رڳو لطيف سائينءَ جي درگاه تي حاضري ڏئي پنھجو فرض پورو ناھي ڪرڻو، پر سڀ کان اھم ڳالهه سندس ڏنل پيغام تي عمل ڪرڻ آھي،
ڪنڊا مون پيرن ۾، توڻي لَکَ لَڳَنِ،
آڱر آڱوٺي نه مڙي، ڇپيون پير ڇنن،
ويندي ڏانھن پِرِيَنِ، جتي جات نه پائيان،
لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي آسودگي، امن ۽ سک جي جھلڪ پسي سگهجي ٿي، جيڪر سک جو سورج اڀارڻو آهي تہ اسان مان ھر ھڪ کي لطيف سائين جي فڪر کي منزل سمجهي ان واٽ تي ھلڻو پوندو ۽ ھنڌين ماڳين ان جي فڪري پرچار ڪرڻي پوندي، ان لاءِ اچو تہ گڏجي لطيف سائينءَ جي نظريي سان نينھن لائي ان کي پنهنجي منزل ۽ مقصد بڻائي ڇڏيون ۽ لطيفي واٽ تي قدم رکي منزل ڏانهن پھرين وک کڻون،
ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو
ان جي ابد لطيف چئي مٽيءَ لڌو مان
ڪروڙين ڪن سلام آڳھ اچج ان جي،