سائين مير محمد شاھ المروف بچل شاھ رح


(پڌريو فارم لڳ لولان شاخ سامارو)

سيد غلام حيدر شاهه قلندري.

تمام جھان ۾ سڀني نسلن مان اعليٰ اتم، وڏي شرف ۽ بزرگي وارو نسل، مالڪ دوجھان خاتم الانبيا محمد ڪريم صلي الله عليه وسلم جي نسبت سان، الله اھو مان بخشيو آھي. اھڙي ھڪ خاندان مان شاھ اسماعيل شاھ پهراج شمسي ھاشمي به آھن سندس خاندان مديني منوره کان ڪيترا ملڪ جھاڳي اچي اُچ شريف ۾ رهائش پذير ٿيو، اتان شمش تبريز جي لڙي مان شاه طريل تاج الدين شاھ سيوھڻ شريف آيا، اتان سامارو ھيرل ۾ سندس پٽ شاھ اسماعيل شاھ تولد ٿيا، سندس خاندان مان شاھ ھاشم شاھ اول، ان جو فرزند شاھ لطيف شاھ اول، ان جا فرزند شاھ فاضل شاھ فضل الدين شاھ ھن وقت چيل بند آڳاٽي وقت جي ھاڪڙي دريا جي ڪپ تي سڪونت اختيار ڪئي، سائين فاضل شاھ جون ٻه شاديو ھيون جنھن مان ھاشم شاھ دوم موجوده ٻسٽان ۾ ھاڪڙي درياھ اولهه ڪپ تي رھائش اختيار ڪئي، جيڪي پنھنجي خاندان جا وڏا پڳدار ھئا، ٻيا به ڀاءُ شاھ فتح محمد شاھ فتح الدين شاھ ۽ ميرالدين شاھ امير محمد شاھ پنھنجي امڙ سان گڏ ھاڪڙي درياھ جي اوڀر طرف رھائش اختيار ڪئي، فتح محمد شاھ جي فوتگي بعد جيجان بيبي مٺي رح ٻسٽان پنھنجي ويڳي ڀاءُ لطيف شاهه پوءِ سندس پٽ ھاشم شاھ سوم وٽ رھڻ لڳي، سندس ڀاءُ عبدالرحمان شاھ سلطان آباد وارو ميرن جي بادشاھي ۾ ڪنھن ڏني منصب تي فائض ٿيا، سائين فتح محمد شاھ جو ٻيو ننڊو ڀاءُ مير محمد شاھ به ميرن جي زمين سامارو ڀرسان رھائش اختيار ڪئي، جتي ھن وقت سندس درگاه آھي جتي ھر سال سترھين صفر تي عرس پاڪ ملھايو ويندو آھي.

Read Previous

عبدالواحد ڪلوڙ کي سيد ناصر حسين شاه چيف سردار جي پڳ ملڻ تي مبارڪ ڏني

Read Next

سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين!

Most Popular