ڪوٽڙي ڊي سي آفيس اڳيان مانجهند واسين سهوليتن جي آڻهوند خلاف سئون جي تعداد ۾ مظاهرين پيادل مارچ ڪري ڌرڻو لڳايو ويو

ڪوٽڙي ( رپورٽر : محمد اظهر رند ) ڊي سي آفيس اڳيان مانجهند تعلقي جا سئون جي تعداد ۾ رهواسين بنيادي سهوليتن جي آڻهوند ۽ مقامي ڳوٺن کي قدرتيءَ گئس ۽ روزگار نه ملڻ خلاف ڄامشورو قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي جي سڏ تي ڪوٽڙي فلاور پل کان پيادل مارچ ڪري ڊيپٽي ڪميشنر آفيس آڏو احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي ، جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي مذهبي تنظيمن ۾ ايس يو پي ، ايس ٽي پي ، شلوا ،جسقم ۽ جماعت اسلامي جا ڪارڪنن ۽ عام ماڻهون وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي .  رپورٽ موجب هن احتجاجي ڌرڻيءَ جي اڳواڻيءَ خدابخش ٿيٻو ، روشن ٻرڙو ، شبير ٻنگ ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ، انصاف جتوئي، سڌير رند ۽ ديدار شام ڪري رهيا هئا .اڳواڻن احتجاجي ڌرڻيءَ کي خطاب ڪندي چيو تي هن ضلعيءَ جي تعلقي مانجهند ۽ علي آباد جتان معدني وسيلا  نڪرين ٿا پر اتان جي ماڻهون جي ڳوٺن کي گئس جي سهوليت کان محروم بڻيل ۽ روزگار به سرڪار مهيا نه ڪري سگهي آهي ، هنن چتاءُ ڏنو تي جلد کان جائز مسئلا حل ڪيا وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ سي ايم هائوس ڪراچي جي اڳيان احتجاج ڪيو ويندو 

Read Previous

شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ (1165 – 1102 ھ)

Read Next

اوٻاوڙو : شهر جي مختلف علائقن ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جي حڪم کي ٿڏي ڇڏيو

Most Popular