اوٻاوڙو : شهر جي مختلف علائقن ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جي حڪم کي ٿڏي ڇڏيو

اوٻاوڙو : ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل جوا منشيات سميت سماجي براين خلاف سخت ڪاروائي واري حڪم کي اوٻاوڙو پوليس ٿڏي ڇڏيو  مٽر روڊ تي ٻن پهلوانن ۾ 30هزار جوا جي شرط سريعام ٿي  ڪڻڪ جي ٻوري کڻڻ جو مقابلو  پوليس جي سرپرستي ۾ سرعام جوا ٿي جنهن دوران پوليس جوارين کي گرفتار ڪرڻ بجائي پروٽوڪول ڏنو تفصيل موجب ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل جوا منشيات سميت سماجي براين کي سختي سان بند ڪرائڻ واري حڪم کي اوٻاوڙو پوليس ھوا ۾ اڏئي ڇڏيو جوا پوليس جي سرپرستي ۾ ھلڻ لڳي مٽر روڊ تي ٻن پھلوانن ۾ 30 ھزار جوا جي شرط ٿي جنھن ۾  ڪڻڪ سان ڀريل ٻوريون پھلوان کيون ان دوران هزارين ماڻهن جو هجوم جوارين جا ڪٽڪ لٿل جتي لکين رپين جي جوا پڻ ٿي جتي مختلف ضلعن کان جواري پڻ آيل هئا جتي ڪڻڪ جون ٻوريون اميرا بعد چوڪ کان اوٻاوڙو شھر تائين ھدف رکيل ھيو جتي اوٻاوڙي جي علي گل شيخ ۽گهوٽڪي جي منظور احمد شيخ ٻوريون کيون جيڪي تقريبن ٻن ڪلوميٽرن تي کڻي گهوٽڪي جي منظور شيخ مقابلو کٽي ورتو  جنهن تي پڻ خوشيون مقابلو کٺيندڙ جا حماتين جهمريون پڻ هنيون هوڏانهن ضلع گهوٽڪي ۾ايس ايس پي عمر طفيل جوا ڪرائڻ تي سخت ڪارروايون ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي پر اوٻاوڙو پوليس ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جي حڪم کي ٿڏي ڇڏيو جوارين کي جوا جي اجازت ڏئي ڇڏي

Read Previous

ڪوٽڙي ڊي سي آفيس اڳيان مانجهند واسين سهوليتن جي آڻهوند خلاف سئون جي تعداد ۾ مظاهرين پيادل مارچ ڪري ڌرڻو لڳايو ويو

Read Next

مهراڻ هاءِ وي ملڪ چودگي لڳ تيز رفتار سبب ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر

Most Popular