جيڪب آباد: شهر جي سياسي، سماجي ۽ ٻين تنظيمن جو اجلاس

جيڪب آباد(رپورٽ: اي جي بلوچ) شھر جي سياسي، سماجي،ديني ۽ واپاري تنظيمن جي شھري اتحاد جي سپريم ڪونسل جو اجلاس، وڌندڙ بدامني ،پيئڻ جي پاڻي جي عدم فراهمي، سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جون سهولتون نه ھجڻ  تي احتجاج، 5 آڪٽوبر کان وڏو مظاهرو ڪڍي مسئلن جي حل تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان.   خبر موجب  شهر جي سياسي سماجي ديني ۽ واپاري ھڪ سو تنظيمن جي شھري اتحاد جيڪب آباد جي سپريم ڪونسل جو اجلاس صدر  محمد اڪرم ابڙو جي صدارت هيٺ سندس رھائش گاه تي گذريو.اجلاس ۾ جي يو آء، پ پ شھيد ڀٽو. ايس ٽي پي، جماعت اسلامي، جسقم، چيمبرس آف ڪامرس، مھراڻ سوشل فورم، ايس يوپي، تحريڪ انصاف ، مسلم ليگ ف ق، ن،سٽي فورم،قومي عوامي تحريڪ، جي ڪيو ايم، اي پي سي، پي ٽي آء، صرافه يونين، اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ ايسوسيئيشن، ڪلاٿ يونين، شيعه علما ڪونسل، عام انسان تحريڪ، جيڪب آباد عوامي اتحاد،تحريڪ منھاج القران، ميڊڪل ايسوسيئيشن، ڪرسچن رھنما،ڊومڪي اتحاد، چانڊيا اتحاد سميت وڏي انگ ۾ مختلف پارٽين جي اڳواڻن ۽ واپارين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ چيو ويو ته جيڪب آباد ۾ لا اينڊ آرڊر جي صورتحال بدتر آهي، پوليس جي ڪنڌ۾ ڪلي لڳل آهي، ڳري رشوت کانسواءِ ڪوبه ڪم ڪونه ٿو ٿئي، فرمائشي وڏيرن جي آيل پوليس آفيسر عوام کي تنگ ڪري ايراني تيل، گٽڪي سمگلنڱ ڪندڙن۽ ٻين ذريعن غلط طريقن سان ڳري رشوت وٺي بااثرن کي ڀتو پھچائڻ ۽ پنهنجا جيب ڀرڻ ۾ مصروف آهي، جيڪب آباد ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي اڍائي ارب روپين جي ميگا اسڪيم پوري ٿيڻ باوجود شھرين کي پيئڻ جو پاڻي فراهم نه ٿو ڪيو وڃي اگر ھفتي ۾  ھڪ دفعو پاڻي فراهم ٿئي ٿو ته اهو گندگي سان ڀريل آهي جيڪو جانورن جي استعمال ڪرڻ جھڙو به ناهي. جيڪب آباد جي 66 ڪروڙ جي سالياني بجيٽ رکندڙ جمس اسپتال ۾ ايمرجنسي ۾ ڊليوري به سفارش کانسواءِ نه ٿي ٿئي. سول اسپتال ۾ غريبن لاءِ ڪابه سھولت ناهي. بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ ۽ ڊٽيڪشن بلن عوام لاءِ آزار ڪري ڇڏيو آهي. ڊرينيج سسٽم ۽ روڊ رستا تباھ حال آهن. شھر جي صورتحال ھي آھي ته شاھ غاري محلي جي گيس ٽن مهينن کا بند آهي،اولڊ يوسي 7 جو پاڻي صرف ھڪ البو لڳڻ سبب بند آهي انڪري ڀرپور تحريڪ ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ شھري اتحاد جي صدر محمد اڪرم ابڙو اعلان ڪيو ته بدامني، ميگا اسڪيم مان پاڻي جي عدم فراهمي،صحت جي عدم سھولتن لاءِ 5 آڪٽوبر کان شھيد الله بخش پارڪ کان 12 بجي وڏو احتجاجي مظاهرو ڪڍي تحريڪ مسئلن جي حل تائين جاري رکبي. شھري اتحاد جي جنرل سيڪريٽري ۽ جي يو آء جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو جيڪب آباد جا مسئلا گھٽڻ بجاءِ وڌي رهيا آهن، اربين رپيا ترقياتي ڪمن جاڪرپشن جي ور چڙهي ويا. جيڪب آباد جو ڪاروبار پولس جي زيادتين جي ڪري تباھ ٿي ويو آهي چيمبرس جي صدر احمد علي بروهي چيو ته شهري لاوارث بڻيل آهن، آفيسرن جو رويو عوام سان خراب آ ھي، سرڪاري اسپتالون بي لاڀ بڻيل آهن، شھيد ڀٽو جي ضلعي صدر نديم احمد قريشي چيو ته اسان جي جدوجھد شهرن لا۽ آھي شھرين کي پنهنجي مسئلن ميدان تي اچڻ گهرجي آخر شھرين سان  زيادتيون ختم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻي پوندي، ايس ٽي پي جي ضلعي صدر عبدالستار جاگيراڻي چيو ته شهر جي صورتحال انتهائي خراب آهي، شھر جا روڊ رستا ۽ گھٽيون گندي پاڻي سان ڀريل آهي، شھر جي مسئلن لا۽ گڏ آهيون، ان موقعي تي جے یو آئی جي امیر مولانا عبدالجبار رند،جماعت اسلامی جو ضلعی امیر حاجی دیدار علی لاشاری،جسقم جو وحید بروہی، صرافہ یونین جو حاجی ۾ یوسف میمن، مھراڻ سوشل فورم جي چیئرمین عبدالحي سومرو، الیڪٽرانڪس ایسوسي ایشن جي حافظ میر محمد بنگلانی ، سریچند ڀاوناڻي،پی ایم ایل ف جي مولابخش کوسو، پي ايم ايل ن جي اختيار علي ديناري، پي ايم ايل ق جي صابر حسين مھيسر. ای پی سي جي  صدر محمد شہبان ابڙو،شیعہ امن ڪانسل جي شاھد حسین جوادي، عام انسان تحریڪ جي عابد سنڌي،پی ٽي آ۽ جي حاجی لکمیر چاچڙ، ایس یوپي جي فدا حسین لکڻ، جيڪب آباد عوامي اتحاد جي عزیزاللہ سیال، منھاج القرآن جي جاوید لاشاری، پاڪستان عوامي تحريڪ جي ثناء الله کوکر، ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي روشن حال ،آپڪا جي محمد صديق رواھي، قومي عوامي تحريڪ جي چاڪر خان جوڻيجو، جي ڪيو ايم عوامي جي حبيب لاشاري،ڪلاٿ مارڪيٽ جي ھوندراج مل ،ڪرسچن رھنما برونر بي ٽوني، سٽي فورم جي میان احمد بلیدي، گل حسن ٽالاڻي عبدالفتاح ڊومڪي،محمد رمضان گولو ۽ ٻين تقريرن ۾ چيو ته جيڪب آباد مسئلن جي ور چڙهيل آهي ڪامورن وڏن ماڻهن سان ملي جيڪب آباد کي لٽيو ۽ ڦريو آھي شھر لاءِ شھري روڊن تي نڪري ھاڻي پنھنجا حق وٺنداسون.

Read Previous

انٽر نيشنل فيڊريشن آف ميڊيا جنرلسٽ جي مرڪزي چيئرمين ميان محمد آصف شاهين کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

Read Next

جيڪب آباد؛ ڳڙهي خير ويجهو بجلي ٺاهيندي پول تان ڪري پرائيويٽ لائين مين فوت

Most Popular