انٽر نيشنل فيڊريشن آف ميڊيا جنرلسٽ جي مرڪزي چيئرمين ميان محمد آصف شاهين کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

جيڪب آباد :(ڊ.ر اي جي بلوچ) انٽر نيشنل فيڊريشن آف ميڊيا جنرلسٽ جي مرڪزي چيئرمين ميان محمد آصف شاهين کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ۽ مٿس قاتلاڻو حملو خبر موجب انٽرنيشنل فيڊريشن آف ميڊيا جنرلسٽ جي مرڪزي چيئرمين ۽ سينئر صحافي ميان محمد آصف شاهين کي ڪراچي جي علائقي ڪورنگي انڊسٽريل ٿاڻي جي ايريا بلال چورنگي وٽ گذريل ڏينهن نامعلوم هٿياربندن اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي بهادري ۽ همت جو مظاهرو ڪندي مرڪزي چيئرمين محمد آصف شاهين اغوا جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ مزاحمت تي هٿياربندن سينئر صحافي محمد آصف شاهين کي پسٽل جو قنداق هڻي زخمي ڪري هٿياربند فرار ٿي ويا واقعي جو اطلاع ملندي ئي صحافي برادري ۽ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ سينئر صحافي تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو انٽرنيشنل فيڊريشن جي سڄي ملڪ سميت جيڪب آباد ۾ به انٽرنيشنل فيڊريشن آف ميڊيا جنرلسٽ جي ضلعي آرگنائيزر عبدالغفور بلوچ, صدر حسين بخش ھانبي ۽ جنرل سيڪريٽري رضا محمد دستي سميت تحصيل ڳڙھي خيرو ۽ ٺل  جي تمام ميمبرن ۽ عھديدارن پاران مرڪزي چيئرمين تي حملي خلاف سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ سينئر صحافي مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.

Read Previous

آل اسپيلر يونين پاران واپڊا جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي

Read Next

جيڪب آباد: شهر جي سياسي، سماجي ۽ ٻين تنظيمن جو اجلاس

Most Popular