لوڪل گورنمينٽ ڳڙھي خيرو جي ملازمن پاران سنڌ گورنمينٽ کان پگھارون لاءِ احتجاج

ڳڙھي خيرو  )رپورٽر:اسدالله لغاري( لوڪل گورنمينٽ ڳڙھي خيرو جي  ملازمن پاران سنڌ گورنمينٽ کان پگھارون ٽريزري ذريعي ڪرڻ لاء احٽجاجي ريلي ڪڍي ويئي.  خبرموجب شاھ لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائز  فيڊريشن ڳڙھي خيرو جي ملازمن پاران سنڌ گورنمينٽ کان پگھارون ٽريزري ذريعي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو ان سلسلي ۾ لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن عارف حسين شيخ,دل لغاري، عبدالحق ٻٻر,علي حيدر لغاري ۽ احمد علي لاشاري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ تعلقہ ڳڙھي جي تمام ملازمن ڀرپور شرڪت ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن ريلي سان خطاب ڪندين چيو تہ سنڌ جا تمام سرڪاري ادارہ سواء لوڪل گورنمنٽ جي پنھنجون پگھارون ٽريزري ذريعي حاصل ڪن ٿا پر لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جي پگھار ٽريزري نہ ھجڻ سبب تمام ملازمن کي دربدر ڪيو  وڃي ٿو ان لاء ملازم مفلسي واري زندگي گذرڻ تي مجبور آھن ۽ ملازمن سان ظلم ڪيو وڃي ٿو  اسين محترم آصف علي زرداري,بلاول ڀٽو ذرداري, فريال ٽالپر,وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ,سيد ناصر شاھ وزير بلديات کان  پرزور مطالبو ڪيون ٿا تہ ملازمن جون پگھارون ٽريزري ڪيون وڃن تہ جيئن اسين پنھنجي ٻچڙن جو گذر سفر ڪري سگھون.  اسين پاڪستان پيپلز پارٽي کان اھيا اميد ٿا ڪيون تہ لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جي ھن مسئلي کي اولين ترجيھي بنياد تي حل ڪري ملازمن مان مايوسي ختم ڪئي وڃي . ريلي ۾ پڻ شامل ھئا علي مراد,عبدالرسول، مير محمد,وحيد لھر,منير ميرالي,سجادشاھ,منظور شاھ ۽ ٻين ڪيترن ئي ملازمن ڀرپور شرڪت ڪئي ريلي پنج گلي,شاھي بازار,ڪپڙا مارڪيٽ,سرفا بازار کان ٿيندي ڳڙھي خيرو پريس ڪلب تي ختم ڪئي وئي۔

Read Previous

شاھ لطيف جي پيغام سان فرقيواريت سوچ کي ختم ڪري سگهجي ٿو !

Read Next

ٺري ميرواھ کي لائبريري ڏيو

Most Popular