ٺري ميرواھ کي لائبريري ڏيو



ٺري ميرواھ کي لائبريري ڏيو سنڌ جا اڳ ئي نوجوان تعليم کان محروم ھن وري ٻي پاسي سنڌ جي شھرن تعلقن ۾ لائبريري نہ ھونديون تہ هتان جا نوجوان تعليم کان محروم رھجي ويندا اسان جي تڪ جي چونڊيل نمائيندن خلاف هتان جي نوجوانن ڪافي ٽائيم تحريڪون هلايون پر انهن تي ڪوئي ڀي اثر نہ پيو اڃا تائين ٺري ميرواه کي لائبريري نہ ملي ڇو آخر ان جو جواب اسان کي ڪير ڏيندو پي پي سرڪار جي وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو کي چئون ٿا تہ اسان جي شھر ٺري ميرواه کي لائبريري ڏيو ڇو جو اسان جي تڪ تي چونڊيل نمائيدا پي پي سرڪار جا آھن ايم اين اي پير فضل شاھ ايم پي اي ساجد ٻانڀڻ جن اسان جي شھر کي لائبريري کان محروم ڪيو آ اسان جي نوجوانن جي ھاڻ توهان کي اپيل آ تہ ٺري ميرواه کي خدارا لائبريري ڏيو جيئن هتان جو نوجوان پڙھي لکي سگهن اسان جا نوجوان لکڻ پڙھن ڪلم هٿن ۾ کڻڻ کان بلڪل ئي محروم هن ڇوجو انهن وٽ لائبريري ناهي ۽ ھو واندڪائي وارو ٽائيم هوٽلن ۽ کرڪيٽ نيٽر ۽ ٻين ڪمن ۾ ذايا ٿا ڪن سو اسان عالا ايوانن ۾ ويٽل سڀن حڪمرانن کي پر زور اپيل ٿا ڪيون تہ سنڌ جي نوجوانن کي لائبريريون ڏيو جتان هون ڪجه تعليم حاصل ڪن هن ڪرونا جي ڪري هيترن مهينن ۾ اسڪول بند هنجڻ جي ڪري نوجوان پنهنجي تعليم تباه ڪري ويٺا ڇوجو اسڪول بند ها ۽ لائبريري شھر ۾ ھئي ڪان پوء نوجوان تعليم تباه نہ ڪندا تہ ٻيو ڇا ڪندا خدارا اسان جي شھر ميرواه کي لائبريري ڏيو ۽ نوجوانن کي تعليم ڏيو جيئن سنڌ بيروزگاري بدحالي بڪ کان بچي وڃي ۽ ھتان جا نوجوان تعليم حاصل ڪري سگھن اسان جا ڪافي نوجوان پڙھيل لکيل ڀي ڪرونا واري ماملي ۾ اسڪول بند هنجڻ جي ڪري ۽ لائبريري نہ ھنجڻ جي ڪري چپن تي سگيريٽن جا سوٽا ڏئي سڄو ڏينهن هوٽلن تي وڃائي چڏيو آخر اسان جي شھر ٺري ميرواه جي عوام جو ڪھڙو ڏوھ آ جن ووٽ ڀي توهان کي ڏنو جن ايوانن تي توهان کي پڄايو اڄ اھي ئي نوجوان اڄ اهي ئي ووٽر اڄ اهي ئي توهان جا جيالا هر شيء کان محروم هن ڇو خدارا ميرواه واسين کي لائبريري ڏيو خدارا نوجوانن جي تعليم بچايو خدارا نوجوانن کي ھوٽلن کان بچايو سنڌ بچايو تعليم بچايو

Read Previous

لوڪل گورنمينٽ ڳڙھي خيرو جي ملازمن پاران سنڌ گورنمينٽ کان پگھارون لاءِ احتجاج

Read Next

نصيرآباد: ”گندگيءَ ۽ بدامنيءَ جو آزار نامنظور“

Most Popular