اوٻاوڙو: پوليس جي ڪارروائي اغوا ڪندڙ گروهه پوليس هٿان گرفتار

اوٻاوڙو : اوٻاوڙو ۾ عورتن ۽ ٻارڙن کي اغوا ڪندڙ گروھ کنڀڙا پوليس ھٿان گرفتار جوابدارن کان ٽن ٻارن سميت ھڪ عورت بازياب  ايس ايس پي عمر طفيل جي ھدايتن تي کنڀڙا پوليس جي ڪاروائي  گڊو لنڪ روڊ تي سواري جي انتظار ۾بيٺل پنجاب ماڇي ڳوٺ جي رھواسڻ هڪ عورت مسمات سڪينه راجپوت 14 سالن جي اصغر علي 9 سالن جو علي نواز 3سالن جي عاليا راجپوت کي شاهنواز شر منير شر نوڪري جي بهاني ورغلائي غوا ڪري وڃي رهيا هئا ته  کنڀڙا پوليس ان کي بچائي ورتو ان موقعي تي ايس ايڇ او کنڀڙا اطھرحسين چنا صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته هڪ گروھ آهي جيڪو عورتن کي روزگار بهاني اغوا ڪندو آهي جن ۾ هي جوابدار به ان ۾ شامل آهن جيڪي پنجاب ماڇي ڳوٺ کان عورت ۽ٻارن کي روزگار بهاني اتان اغوا ڪري گڊو لنڪ روڊ  مير ڪوش وٽ بيٺا هئا ته عورت پوليس کي ڏسي رڙيون ڪيون ته پوليس ان جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي عورت جي وارثن کي گهرايو آهي جنهن بعد عورت ۽ٻارڙن کي وارثن حوالي ڪيو ويندو هوڏانهن ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل ضلعي ۾امن امان جي صورتحال بحال ڪرڻ جون سخت هدايتون جاري ڪندي چيڪنگ وڌائڻ جي ۽ شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

Read Previous

سانگهڙ: ايس ايس پي سانگهڙ جي ڪارروائي 125 موٽر سائيڪل هٿ

Read Next

سانگهڙ: نصير جلالاني واسين جو بااثر خلاف احتجاج

Most Popular