سانگهڙ: ايس ايس پي سانگهڙ جي ڪارروائي 125 موٽر سائيڪل هٿ

سانگھڙ (رپورٽ نديم خاصخيلي) ايس ايس پي سانگھڙ جناب عثمان غني صديقي صاحب جي منشيات فروش ۽ ڏوھارين جي خلاف ڪاروائي جي سخت حڪم جي پيش نظر کپرو پوليس جي ھڪ ٻي ڪاميابي. تفصيلات جي  مطابق ايس ايڇ او کپرو انسپيڪٽر امداد علي ٽالپر ۽ ٻي اسٽاف خفيا اطلاع تي ڪاروائي ڪندي ڪجھ ڏينھن پھريان کپرو شھر جي چوڪيدار سبحان درس کان ڦر ڪيل 125 موٽر سائيڪل بر آمد ڪئي.ان ڪامياب ڪاروائي تي ايس ايس پي صاصب انسپيڪٽر ايس ايڇ او کپرو کي شاباش ڏني ۽ ڏوھارين کي جلدي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او کپرو جو چوڻ آھي  کپرو ۾  موٽر سائيڪل ڦورن جي ھڪ گينگ ڪم ڪري رھي ھئي جنھن کي اسان ٽريس ڪري ورتو آھي انشاالله ڏوھارين کي گرفتار ڪري ان جي انجام تي پھچائينداسين ھو چاھي ڪيترا ھي با اثر چو نه ھجن.

Read Previous

ٺري ميرواهه: مڙس تي ڪوڙا الزام مڙھي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي زال جو احتجاج

Read Next

اوٻاوڙو: پوليس جي ڪارروائي اغوا ڪندڙ گروهه پوليس هٿان گرفتار

Most Popular