آمريڪي ۽ ڀارتي پابندين جي باوجود ٽڪ ٽاڪ مشهوري ۾ فيس بڪ کي شڪست ڏئي ڇڏي

لنڊن:   چيني لپ سنڪنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ تي ڀارت طرفان پابندي لڳائي وئي آهي. جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان به ايپ تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. پر ان باوجود به ٽڪ ٽاڪ دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊائون ٿيندڙ ايپ بڻجي وئي آهي. سينسر ٽاور جي رپورٽن موجب چيني اپي ٽڪ ٽاڪ آگسٽ ۾ سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ڪيل لپ سنڪنگ ايپ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. رپورٽن موجب آگسٽ جي مهيني ۾ ٽڪ ٽاڪ دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊائون ڪيل ايپ رهي جڏهن ته فيس بڪ ٻئي ۽ انسٽاگرام ٽئين نمبر تي رهي. سينسر ٽاور جي تجزياتي رپورٽ موجب سڀني کان وڌيڪ ٽڪ ٽاڪ ڊائون لوڊ ڪندڙ ملڪن ۾ انڊونيشيا ۽ برازيل شامل آهن. ٽڪ ٽاڪ جي ٽوٽل ڊائون لوڊر ۾ 11 سيڪڙو حصو انڊونيشيا ۽ 9 سيڪڙو حصو برازيل جو آهي. رپورٽن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته آگسٽ ۾ ٽڪ ٽاڪ کي 6 ڪروڙ 34 لک صارفين ڊائون لوڊ ڪيو جنهن جو مطلب اهو آهي ته گذريل سال آگسٽ جي مقابلي ۾ هن سال ٽڪ ٽاڪ ڊائون لوڊ ڪرڻ جي شرح ۾ 1.7 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. ٻئي طرف دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊائوڊ ٿيندڙ ايپس جي لسٽ ۾ ٻيون نمبر فيس بڪ جو آهي جنهن کي 5 ڪروڙ 16 لک صارفين طرفان ڊائون لوڊ ڪيو ويو. سڀني کان وڌيڪ فيس بڪ ڊائون لوڊ ڪندڙ ملڪن ۾ ڀارت  ۽ انڊونيشيا شامل آهن. فيس بڪ جي ٽوٽل ڊائون لوڊر مان 25 سيڪڙو حصو ڀارت جڏهن ته 9 سيڪڙو حصو انڊونيشيا جو آهي. ان کان علاوه آگسٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ٽاپ 5 ايپس ۾ انسٽاگرام، اسٽيپ چيٽ ۽ پنٽريسٽ به شامل آهن.

Read Previous

جيڪب آباد: جعفر ايڪسپريس ٽرين ۾ باهه، مسافر پريشان

Read Next

بلڊ پريشر جي عام دوا استعمال ڪندڙ نمونيه ۽ فلو کان به محفوظ رهندا: تحقيق

Most Popular