بلڊ پريشر جي عام دوا استعمال ڪندڙ نمونيه ۽ فلو کان به محفوظ رهندا: تحقيق

ڊينمارڪ  :هڪ  ڊگهي مطالعي کان خبر پئي آهي ته جيڪو ماڻهو  بلڊ پريشر ۽ دل جي لاءِ عام دوا استعمال ڪندو آهي ان ۾ فلو(انفلوئنزا) ۽ نمونيه ۾ مبتلا ٿيڻ ۽ فوت ٿيڻ جو امڪان به انتهائي گهٽ رهجي ويندو آهي.  اي سي اي انهيبٽريا اينجيوتينس ٽو ريپسنر بلاڪرز استعمال ڪيل فلو ۽ نمونيه جي وار/شڪار کان به محفوظ رهي سگهن ٿا.  هن ڊگهي ۽ وڏي مطالعي جا تفصيل جرنل آف آمريڪن هارٽ ايسوسيئيشن ۾ شايع ٿيا آهن. آربس يونيورستي ۽ ان سان لاڳاپيل اسپتال جي پروفيسر ڪرسچيان فيانبو ۽ ان جي ساٿين ان حوالي سان پنج لک ماڻهن جو جائزو ورتو آهي جيڪي اسپتال آندا ويا هئا.  2005 کان 2018 تائين جاري رهندڙ هن تحقيق ۾ شامل  سمورا مريض انفلوئنزا ۽ نمونيه ۾ مبتلا هئا. ان مريضن جي استعمال هيٺ دوائن ۽ ٻئي مرض جو ڊيٽا به گڏ ڪيو ويو ته ڪيترائي اهم انڪشاف سامهون آيا. ان مان هڪ لک مريض باقاعدگي سان اي سي اي انهيبٽر يا اينجيوئينسن ٽو ريسپئر بلاڪرز واريون دوائون کائي رهيا هئا اهڙن گهٽ مريضن کي وينٽي ليٽر تي آندو ويو ۽ انهن جي موت جي شرح به گهٽ هئي. ٻئي طرف بلڊ پريشر جي ٻئي عام دوا ڪيلشيم بلاڪرز استعمال ڪندڙن ۾ ان جو ڪوبه فائدو نه ڏٺو ويو. اها تحقيق ڪورونا وبا جي عروج دوران سامهون آئي آهي ۽ ڏٺو ويو آهي ته جڏهن ماڻهو نمونيه ۽ فلو جا به شڪار ٿي اسپتال آندا ويا. انهن ۾ نوٽ ڪيو ويو ته عام فلو ۽ نمونيه وارا اهي مريض جيڪي هن دوائن جو استعمال ڪري رهيا هئا انهن ۾ ڦڦڙن جو نقصان گهٽ ڏٺو ويو.

Read Previous

آمريڪي ۽ ڀارتي پابندين جي باوجود ٽڪ ٽاڪ مشهوري ۾ فيس بڪ کي شڪست ڏئي ڇڏي

Read Next

برفباري مان بجلي ٺاهڻ جو انقلابي اوزار ٺهي ويو

Most Popular