سڄي دنيا ۾ اڄ استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد: :پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾  اڄ استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. علم جي شمع ٻاريندڙ  سڄي  دنيا کي علم جي روشني سان روشناس ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اهو ڪم ڪندڙن کي استاد چيو ويندو آھي.  استاد ڪنهن به معاشري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. جنهن جي لاءِ ان جي خدمتن جي تعريف لاءِ  هر سال 5 آڪٽوبر تي استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. گهر مان بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هڪ ٻار کي معاشري ۾ پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعليم ۽ تربيت جي ضرورت هوندي آهي جيڪو کيس استاد ڏيندو آهي. استادن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ مختلف قسمن جون تقريبون رکيون ويون آهن جنهن ۾ شاگرد کين خراج تحسين پيش ڪندا آهن. مشهور فلسفي ۽ استاد ارسطو جو به قول آهي ته ماءُ، پيءُ ٻار  کي پيدا ڪندا آهن جڏهن ته استاد ان کي سٺي زندگي گذارڻ جو فن سيکاريندا آهن. تعليمي ماهرن جو چوڻ آهي ته  جيڪي معاشرا تعليم سان گڏوگڏ استادن کي قوم جي معمار جو درجو ڏيندا آهن اهي ئي ترقي جي رستن تي گامزن ٿيندا آهن.

Read Previous

غداري جا ڪيس اسان جي لاءِ ميڊلز آهن، حڪومت پنهنجو آخري ڪارڊ کيڏي ورتو: عظميٰ بخاري

Read Next

مون کي ڪجهه به ٿيو ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائيندس: شهباز شريف

Most Popular