مون کي ڪجهه به ٿيو ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائيندس: شهباز شريف

لاهور: :مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف  پنهنجي ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت کي نيب اختيارين جي رويي جي شڪايت ڪري ڇڏي. احتساب عدالت ۾  بيان ڏيندي شهباز شريف چيو ته  مان عدالتي حڪم تي گرفتار آهيان پر منهنجو اهو بنيادي حق آهي. سڀني کي خبر آهي ته مون کي چيلهه جي تڪليف آهي ۽ مان گذريل 25 سالن کان ان تڪليف ۾ مبتلا آهيان. شهباز شريف عدالت ۾ چيو ته مان نماز پڙهڻ جي لاءِ ڪرسي کي تبديل ڪرڻ لاءِ مدد وٺندو هئس پر پهرين ۽  2 آڪٽوبر تي منهنجي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو پهرين ماني مون کي اندر ميز تي رکي ڏيندا هئا پر هاڻ زمين تي رکي ڏيندا آهن. ائين ڄاڻي واڻي ڪيو ويندو آهي ته جيئن مون کي جهڪڻو پوي.  هي  سڀ ڪجهه عمران خان ۽ شهزاد اڪبر جي چوڻ تي ٿي رهيو آهي. اپوزيشن اڳواڻ وڌيڪ چيو ته منهنجي چيلهه کي ڪجهه ٿيو يا ڪجهه به ٿيو ته ايف آءِ آر عمران خان ۽ شهزاد اڪبر جي خلاف داخل ڪرائيندس. شهباز شريف جي شڪايت تي عدالت چيو ته اوهان پنهنجي شڪايت مون کي ٻڌائي ڇڏي آهي. حڪم منهنجا هلندا جيستائين  عدالتي تحويل ۾ آهيو،  گرفتاري دوران  غير انساني سلوڪ برداشت نه ڪندس. احتساب عدالت جي جج ڪاوڙ جو اطهار ڪندي چيو ته انسانيت جي تذليل برداشت نه ڪندس آئنده اها شڪايت ٿي ته مان ان جو نوٽيس وٺندس.  ان تي نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته شهباز شريف کي سيل ۾ نه خاص روم ڊسپنسري ۾ رکيو آهي ۽ کيس  ماني گهر مان آڻڻ جي اجازت به ڏني آهي. عدالت ٻين وڪيلن کي ڳالهائڻ کان روڪيندي چيو ته مون کي سياست ۾ اوهان کان وڌيڪ تجربو آهي. مان اڄ ئي ان بابت مڪمل آرڊر پاس ڪندس اهو هرگز برداشت نه ڪندس ته ماني زمين تي ڏني وڃي.

Read Previous

سڄي دنيا ۾ اڄ استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي

Read Next

سرفراز کي هٽائڻ جو فيصلو بورڊ چيئرمين جو هو: مصباح الحق

Most Popular