سکر : سنڌ جي هندو ۽ مسلمان برابري جا شهري آهن، هندستان ۾ 11 پاڪستاني هندو کي بيگناهه قتل ڪيو: اڳواڻ ايم اين اي شنيلا پرڪاش

سکر( رپورٽ .امداد علي گل ڪلوڙ)تحريڪ انصاف اقليتي اڳواڻ ايم اين اي شنيلا پرڪاش، جي پرڪاش سکر  پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته سنڌ جي هندو ۽ مسلمان برابري جا شهري آهن۔ برسات جون تباهه ڪارين باوجود عوام جي مدد ناهي ٿي۔ عمران خان 5 ارب رکيا آهن۔ پ پ حڪومت اسان کي ڪم نه پئي ڪرڻ ڏي۔ ھنن چيو ته هندو برادري سان ٿيندڙ ناانصافين تي آواز اٿاريو ويندو۔ عمران خان اقليتي مسئلن جي حل لاء ڪاميٽي ٺاهي آهي۔ خاص ڪري هندو نياڻي کي زبردستي مذهب مٽرائي شادي ڪرائي ويندي آهي، عمران خان سان اقليتي اڳواڻ ۽ عوام عمران گڏ آهي۔ ھنن چيو ته سکر جي شهرين جا مسئلا ٻڌي حل لاء عمران خان کي آگاهه ڪندس، برساتن ۾ سنڌ جا 13ضلعا ٻڏي ويا پر پ پ حڪومت ڪا به واهر نه ڪئي۔  صحت، تعليم جو سنڌ ۾ ڪو به نظام ناهي، عوام سهولتن کان وانجهيل آهن سکر کانپوء حيدرآباد ۽ ميرپور خاص دوري تي وينداسين جنهن به ڪراچي جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪيو ويندو۔  ھنن چيو ته هندستان ۾ 11 پاڪستاني هندن کي بيگناهه قتل جي مذمت ڪجي ٿي۔ انهن ثابت ڪيو ته هو سيڪولر حڪومت ناهي مودي جي حڪومت آهي جنهن جو انساني حقن جون تنظيمون نوٽيس وٺن پاڪستان ۾ اقليتين کي مڪمل آزادي آهي، هو مذهبي ڏيهن پهنجي مرضي سان ملهائندي آهي۔ اقليتن لاء پاڪستان ۾ ڪا به پابندي ناهي۔

Read Previous

مٽياري : سيکاٽ ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار پاران 11 سالن جي نينگري سان زيادتي ، حالت ڳڻتي جوڳي اسپتال منتقل

Read Next

سڪرنڊ: سنڌ جي شيڪسپيئر مرزا قلبچ بيگ جي 167 جنم ڏينهن جي موقعي تي تقريب ۾ اڳواڻ جو خطاب

Most Popular