مٽياري : سيکاٽ ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار پاران 11 سالن جي نينگري سان زيادتي ، حالت ڳڻتي جوڳي اسپتال منتقل

مٽياري (رپورٽر: آس )لڳ سيکاٽ ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار پاران 11 سالن جي نينگري سان مبينا زيادتي نينگري جي حالت ڳڻتي جوڳي تعلقي اسپتال منتقل ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو.   تفصيل موجب مٽياري لڳ سيکاٽ ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ جمن شاه ۾ جوابدار عبدالرزاق پٽ آمن ملاح پاران 11 سالن جي  معصوم نينگريءَ سان مبينا بدفعلي ڪئي وئي نينگري جي وارثن موجب وحشي جوابدار عبدالرزاق ملاح اسان جي  نينگري سميا ڌيءَ محمد سومار ڪنڀار کي ڳوٺ لڳ نرسري ۾ وڃي بدفعلي جو نشانو بڻايو آھي هوڏانهن واقعي جي اطلاع تي سيکاٽ پوليس بروقت ڪارروائي ڪري نينگري کي تعلقي اسپتال مٽياري منتقل ڪيو جتي سندس ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو ان موقعي تي ايس ايڇ او سيکاٽ واجد ٿهيم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس کي اطلاع مليو ته  جوابدار 11 سالن جي د معصوم نينگري سان بدفعلي ڪئي آهي جنهن کان پوءِ پوليس نينگري کي اسپتال پهچايو نينگري جا ڪپڙا رت سان ڀريل هئا پوليس بروقت ڪارروائي ڪري جوابدار عبدالرزاق ملاح کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي

Read Previous

عمران خان کي سياسي انتقامي وٺن بدران ملڪ معيشت تي توجه ڏئي: خورشيد شاهه

Read Next

سکر : سنڌ جي هندو ۽ مسلمان برابري جا شهري آهن، هندستان ۾ 11 پاڪستاني هندو کي بيگناهه قتل ڪيو: اڳواڻ ايم اين اي شنيلا پرڪاش

Most Popular