حنيد لاکاڻي طرفان برسات متاثر خاندانن ۾ امدادي چيڪ ورھيا ويا

ڪراچي: پي ٽي آئي اڳواڻ ۽ سربراھ بيت المال سنڌ حنيد لاکاڻي طرفان برسات متاثر خاندان ۾ امدادي چيڪ ورھيا ويا. تقريب حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ ۾ ٿي جتي 12 برسات متاثر خاندانن ۾ امدادي رقم جا چيڪ ورھيا ويا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھيندي سربراھ بيت المال سنڌ حنيد لاکاڻي چيو تھ اھڙا سوين ماڻھو آھن جن جي مالي مدد ڪئي ويندي. ھن چيو تھ بيت المال طرفان غريب ماڻھن جي مدد ڪئي ويندي جنھن ۾ طبي علاج، ٿھليسيما، ڪينسر ۽ وينٽيليٽر جي مريضن آھن ان سان گڏوگڏ قدرتي آفتن سبب متاثر ٿيندڙ جي بھ مدد پڻ ڪئي ويندي آھي. ان موقعي حنيد لاکاڻي برسات سبب متاثر خاندانن جا مسئلا پڻ ٻڌا. برسات متاثرن جو چوڻ ھو تھ تيز برساتن سبب سندن الھ تلھ لڙي ويو پر چونڊيل نمائيندا لڙي نھ آيا. حنيد لاکاڻي چيو تھ سنڌ حڪومت پنھنجي مظلوميت جو روئڻ روئي رھي آھي. اسان سنڌ حڪومت کي ھر جڳھ وٺي وڃڻ لاءِ تيار آھيون. ڪراچي کان ڪشمور تائين تباھي لڳي پئي آھي غريب ماڻھن کي ڪنھن بھ قسم جي ڪا مالي مدد نھ پئي ملي اگر ڪنھن کي ملي ٿي تھ صرف پنھنجا نوازي لڳي پئي آھي. ھن چيو تھ جيڪڏھن اسان کي سنڌ حڪومت ملڻ جو موقعو مليو تھ اسان سنڌ جي ترقي ۽ بھتري لاءِ پنھنجي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. سنڌ حڪومت پنھنجي ڪيل نااھلي وفاق مٿان مڙڻ چاھي ٿي. حنيد لاکاڻي وڌيڪ چيو تھ سنڌ حڪومت ٻين مٿان الزم ھڻڻ بجاءِ سٺي ڪارڪردگي ڪري ڏيکاري جنھن سان سنڌ خوشحال ٿئي.

Read Previous

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي گھر کان واندا، ٽڪاڻي داخل.

Read Next

وفاقي ڪابينا اجلاس: وزيراعظم آفيس ۽ ايوان صدر کي 33 بلٽ پروف گاڏيون استعمال ڪرڻ جي اجازت

Most Popular