وفاقي ڪابينا اجلاس: وزيراعظم آفيس ۽ ايوان صدر کي 33 بلٽ پروف گاڏيون استعمال ڪرڻ جي اجازت

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم آفيس ۽ ايوان صدر کي 33 بلٽ پروف گاڏيون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي ته 2019 ۾ پي آءِ اي 7.8 ارب رپيا نعفو ڪمايو، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ پي آءِ اي جي آپريشنل نقصان ۾ 75 سيڪڙو بهتري آئي آهي. وزيراعظم عمران خان پي آءِ اي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي تعريف ڪندي هدايت ڪئي ته پي آءِ اي کي نئين سر جوڙيو وڃي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ مهانگائي تي به ڳالهايو ويو، ان موقعي تي مراد سعيد، شيخ رشيد ۽ ٻين وزيرن مهانگائي تي احتجاج ڪيو. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ کنڊ جو اگهه وڌائيندڙن خلاف فعال انداز ۾ ڪريڪ ڊائون جو به فيصلو ڪيو ويو. ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي اسد عمر ٻڌايو ته کنڊ ۽ اٽي سميت ڪجهه شيون مهانگيون ٿيون آهن، ڪڻڪ درآمد ٿيڻ سان اٽو سستو ٿي ويندو، ڪجهه گهربل ڪڻڪ پهچي چڪي آهي، ٻي به جلد پهچي ويندي.

Read Previous

حنيد لاکاڻي طرفان برسات متاثر خاندانن ۾ امدادي چيڪ ورھيا ويا

Read Next

نواز شريف خلاف ڪيس رياست نه هڪ شهري داخل ڪرايو: پوليس جي وضاحت

Most Popular