سينگاپور جي حڪومت ڪورونا وبا دوران ٻار پيدا ڪرڻ تي بونس ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

سنگاپور: سنگاپور جي حڪومت پيدائش  کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ عالمي وبا ڪورونا وائرس جي دوران ٻار پيدا ڪرڻ تي بونس جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.   رپورٽ موجب سنگاپور هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي پيدائش جي شرح سڄي دنيا ۾ سڀني کان گهٽ آهي ۽ حڪومت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ان کي هٿي ڏيڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي. عالمي وبا ڪورونا وائرس جي ڪري بيروزگاري ۽ مالي پريشانين کي نظر ۾ رکندي اهي شهري جيڪي والدين بنجڻ جا خواهشمند هئا وبا سبب انهن اهو فيصلو ترڪ ڪري ڇڏيو هو.  اهوئي سبب آهي ته سنگاپور جي حڪومت پيدائش کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ وبا جي دوران ٻار پيدا ڪرڻ تي بونس ڌيڻ جي آڇ ڪئي آهي. سنگاپور جي نائب وزيراعظم بينگ سوي گيٽ چيو آهي ته اسان کي خبر آهي ته ڪورونا 19 جي ڪري ڪجهه  والدين بنجڻ جي خواهشمند ماڻهن هن فيصلي کي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. اهوئي سبب آهي ته اسان هاڻ بونس جي آڇ ڪئي آهي.  هن چيو ته هن آڇ جي حوالي سان رقم بابت وڌيڪ تفصيل  ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ جاري ڪيا ويندا. جڏهن ته سينگاپور حڪومت جي تازي پاليسي موجب والدين بنجندڙ شهري کي حڪومت پاران 10 هزار ڊالرن تائين جي رقم  ڏيڻي آهي.

Read Previous

پ پ ۽ ن ليگ پنهنجي ڪيل ڪرپشن تي پردو وجهڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي: شبلي فراز

Read Next

ٻيٽن واري معاملي تي ڌرتي ڌڻين جي سخت رد عمل کان پوءِ سنڌ حڪومت لکيل خط واپس وٺي ڇڏيو

Most Popular