ٻيٽن واري معاملي تي ڌرتي ڌڻين جي سخت رد عمل کان پوءِ سنڌ حڪومت لکيل خط واپس وٺي ڇڏيو

ڪراچي:: ڪراچي ويجهو ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ ۽ ان جي تعمير ترقي جي معاملي تي سنڌ حڪومت جولاءِ ۾ وفاقي حڪومت کي خط لکيو هيو جيڪو واپس ورتو ويو آهي. خط سنڌ ڪابينه ڊويزن جي سيڪريٽري طرفان لکيو ويو آهي ۽ لينڊ يوٽيلائزيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ وفاقي حڪومت کي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. بورڊ آف روينيو موجب سنڌ ڪابينه جي فيصلي جي روشني ۾ جولاءِ ۾ لکيل خط واپس ورتو ويو آهي. سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ صوبائي حڪومت جي ملڪيت آهن. وفاقي حڪومت طرفان ٻيٽن تي ملڪيت جي دعويٰ ۽ آرڊيننس جاري ڪرڻ غيرقانوني آهي.  واضح رهي ته سنڌ لينڊ يوٽيلائزيشن ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو هو ته وفاقي حڪومت جي درخواست تي عوامي مفاد لاءِ ٻيٽن کي حوالي ڪري رهيا آهيون. خط جي متن موجب ٻيٽن تي تعميرات ۾ مقامي ماڻهن ۽ مهاڻن جي مفادن کي تحفظ ڏنو ويندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن صدر عارف علوي جو ٻيٽن بابت 2 سيپٽمبر 2020 تي جاري ڪيل آرڊيننس سامهون آيو آهي جنهن کان پوءِ سنڌ ۽ وفاق ۾ نئون تڪرار شروع ٿي ويو آهي. پاڪستان آئي لينڊ ڊوالپمينٽ اٿارٽي آرڊيننس 2020 موجب ٽيريٽوريل واٽرز اينڊ ميري ٽائيم زونز ايڪٽ 1876ع جي انتظام هيٺ سامونڊي  علائقا وفاق جي ملڪيت هوندا ۽ سڌ جي بنڊال ۽ بڊو سميت سمورين بيٽن جي مالڪ وفاقي حڪومت هوندي. جڏهن ته حڪومت نوٽيفڪيشن ذريعي پاڪستان آئي لينڊز ڊوالپمينٽ اٿارٽي قائم ڪندي جنهن جو هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ هوندو جڏهن ته علاقائي آفيسون ٻين هنڌن تي قائم ٿي سگهن ٿيون. آرڊيننس موجب اٿارٽي لاڳاپيل ۽ غير لاڳاپيل ملڪيت کي حاصل ڪرڻ جي مجاز هوندي ۽ آرڊيننس تحت کنيل قدم يا اٿارٽي جي فعل جي قانوني حيثيت تي ڪابه عدالت يا ادارو سوال نٿو ڪري سگهي. آرڊيننس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اٿارٽي غير لاڳاپيل ملڪيت  تي سمورا ليويز، ٽيڪس، ڊيوٽيون، فيس ۽ ٽرانسفر چارجز وٺڻ جون مجاز هونديون.  آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته آرمي جي ليفٽيننٽ جنرل واري عهدي جي برابر حاضر يا ريٽائرڊ آفيسر به چيئرمين مقرر ٿي سگهندو. جڏهن ته چيئرمين جي عهدي جي مدت چئن سالن جي هوندي جنهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ٿي سگهندي.

Read Previous

سينگاپور جي حڪومت ڪورونا وبا دوران ٻار پيدا ڪرڻ تي بونس ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

Read Next

آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين پاران واپڊا جي نجڪاري خلاف احتجاج مظاهرو

Most Popular