آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽريڪ ورڪرس پاران ادارن جي نجڪاري خلاف احتجاج ڪيو ويو

ٽنڊوالھيار (رپورٽر) آل پاڪستان واپڊا ھائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرس يونين ٽنڊوالھيار پاران ٽنڊوالھيار شهر ۾ به واپڊا جي سوين ملازمن طرفان اداري جي نجڪاري توڙي مهانگائي خلاف واپڊا کان احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ ڌرڻو هنيو ويو، جتي ملازمن طرفان هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي، ان موقعي تي آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرس يونين ٽنڊوالھيار جي چيئرمين خالد محمود قائم خاني، سعيد احمد خانزادو ۽ ٻين چيو ته نجڪاري مزدور دشمن عمل آهي، وفاقي حڪومت نجڪاري جي نالي تي لکين پورهيتن کي بيروزگار ڪرڻ چاهي ٿي، جڏهن ته عمراني، انصافي حڪومت جي اهڙي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هنن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ملڪ اندر مهانگائي جو طوفان اٿيو آهي، جنهن سبب غريبن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، جڏهن ته نئين ڀرتين تي پابندي مڙهي روزگار جا در بند ڪيا ويا آهن، هنن چيو ته اسين گهر ٿا ڪريون ته مزدور دشمن پاليسيون، نجڪاري، مهانگائي سميت ٻيا منصوبا ختم ڪري نيون ڀرتيون ڪرڻ سان گڏ پگهارن ۽ اجرتن ۾ اضافو ڪيو وڃي

Read Previous

حضرت امام حسين عليہ السلام جي عظيم قرباني کي ڀيٽا، لبيڪ يا حسين جون صدائون بلند

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ تنظيم اصلاح الفقراء حسيني نقشبندي جماعت اهلسنت پاران11 آڪٽوبر تي تحفظ ناموس رسالت ريلي ڪڍي ويندي

Most Popular