حضرت امام حسين عليہ السلام جي عظيم قرباني کي ڀيٽا، لبيڪ يا حسين جون صدائون بلند

سڪرنڊ (رپورٽ علي اصغر چوهاڻ) پوري ملڪ جيان سڪرنڊ ۾ به حضرت امام حسين عليہ السلام جي عظيم قرباني کي ڀيٽا ڏيڻ لاء چھلم امام حسين عليہ السلام جي موقعي تي اصغريہ علم و عمل تحريڪ سڪرنڊ پاران سيد قربان علي شاہ، سيد منظور علي شاھ، عباس علي شاہ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ داد واھ کان سڪرنڊ تائين تقريبن ٻارنهن ڪلوميٽر تائين پيادل اربعين مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ ھزارن جي تعداد ۾ عورتن ٻارن ۽ عزاداران امام حسين عليہ السلام شرڪت ڪئي ۽ جلوس ۾ شريڪ مومن لبيڪ يا حسين جون صدائون بلند ڪندا رهيا، ان موقعي تي پوليس جي وڏي نفري موجود هئي، جڏھن ته جعفريا يوٿ تعلقه سڪرنڊ جي صدر محسن علي ڪيريو جي اڳواڻي ۾ پڻ اسڪائوٽ پاران سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏنا ويا، جلوس جي روٽ ۾ دليل ديرو، زيرو پوائنٽ، مين روڊ سميت مختلف هنڌن تي نياز ۽ سبيل جا انتظام ڪيا ويا هئا، جڏهن ته احمد عباس شادي ھال تي نماز باجماعت ادا ڪئي وئي جنھن کان پوء جلوس سڪرنڊ شھر ۾ داخل ٿي مختلف رستن کان ٿيندو نيشنل پريس ڪلب چوڪ تي پھتو جتي اربعين جي دعا کان پوء جلوس پنهنجي پڄاڻي تي پهتو۔

Read Previous

ڪشمور: فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشنل مجسٽريٽ عبدالوحيد عباسي پاران چوري جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي چار ڄڻن کي سزا

Read Next

آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽريڪ ورڪرس پاران ادارن جي نجڪاري خلاف احتجاج ڪيو ويو

Most Popular