ڪشمور۔رپورٽ اعجاز احمد ڪشمور ۾ چهلم امام حسين عليه السلام جو مرڪزي جلوس مختلف رستن کان ٿيندو اختتام پذير ٿيو۔ سڪيورٽي جا انتظام نهايت ئي سخت ڪيا ويا۔ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل گشت تفصيل موجب۔ ڪشمور ۾ شھداء ڪربلا جو چھلم جو مرڪزي جلوس پير فتح شاه کان برآمد ٿيو۔ پسگردائي جا ننڍا وڏا ماتمي جٿا ڪشمور جي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شامل ٿيا۔ عذاداران امام حسين عليه السلام شھر جي مختلف رستن تي نوحه خواني، سينا ڪوبي ۽ زنجير زني ڪندا رهيا۔ جلوس خير اسلوبي سان پنهنجي منزل مقصود پير فتح شاه تي اختتام پذير ٿيو۔ مجلس عزا ۾ علماء و ذاڪرين فلسفه امام حسين عليه السلام بهترين انداز سان پيش ڪيو۔ سڄي رستي ۾ ٿڌي پاڻي ۽ شربتن جون سبيلون لڳايون ويون۔ ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاء پوليس ۽ رينجرز جا سوين جوان جلوس جي داخلي ۽ خارجي رستن تي مقرر هئا۔ هر ايندڙ ويندڙ ماڻھو جي سخت چيڪنگ ڪئي وئي۔ جلوس جي اختتام کان پوء ننگر نياز ورهايو ويو۔