قاضي احمد : ڳوٽ پير غلام محمد جي رهواسڻ پيرسن عورت مسمات سبحان پريس ڪلب پهچي ڪانفرنس ڪندي

قاضي احمد (رپورٽ علي نواز جتوئي)   قاضي احمد لڳ ڳوٽ پير غلام محمد جي رهواسڻ پيرسن عورت مسمات سبحان خاتون زال خدابخش ڀٽ پريس ڪلب قاضي احمد پهچي ڪانفرنس ڪندي چيو ته تقريبن سورهن سال اڳ اسان سان مڱڻهار برادري جي ماڻهن رشتيداري ڪئي جن مون کان محرم ولد امام بخش مڱڻهار لاء پنهنجي ڌي لاء سڱ ورتو ء عيوض ۾ محرم جي ڀاء ڀورو مڱڻهار پنهنجي ڌي شمشاد جو سڳ منهنجي پٽ علي حسن ولد خدابخش ڀٽ کي ڏني ء نڪاح ٿيو پر پهريان هنن مونکان ڌي پرڻائي ويا ء ان کان پوء ڀورو مڱڻهار پنهنجي ڌي جو سڱ نه ڏنو ء منهنجي نهن کي پنهنجي برادري ۾ نڪاح مٿان نڪاح وجهرائي پرڻائي ڇڏيو ان کان پوء مان مسلسل سورهن سالن کان علائقي جي معززين وٽ داهيندي رهي آهيان پر ڪو به منهنجي داد رسي نه ٿو ڪري ء مونکي پنهنجي ڌي جو عيوض گهرڻ ته ڀورو مڱڻهار ڏارهون مڱڻهار حاڪم مڱڻهار ء ٻيا موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن آء مجبورن پريس جو سهارو ورتو آهي مان هن پريس ذريعي وس وارن ء اعلاانتظاميان کي اپيل ڪريان ٿي ته مونکي تحفظ فراهم ڪيو وجي ڌمڪيون ڏيندڙڻ کي گرفتار ڪري مونکي ڌي جو عيوض وتهاري ڏنو وجي

Read Previous

ڪشمور: چهلم امام حسين عليه السلام جو مرڪزي جلوس مختلف رستن کان ٿيندو اختتام پذير ٿيو

Read Next

مٽياري: ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڪرڻ لاءِ درگاھ سخي ھاشم شاھ کان برآمد ڪيو ويو هر طرف يا حسين يا حسين جو صدائون گونجنديون رهيون

Most Popular