ڪراچي سرڪلر ريلوي بحالي لاءِ شھر اندر سفر ۾ آساني ٿي ويندي: حنيد لاکاڻي

ڪراچي : سربراھ بيت المال سنڌ حنيد لاکاڻي چيو آھي تھ ريلوي واري وزارت پاران 2021 ع جنوري ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي جو اعلان عوام جي آساني لاءِ بھتر ثابت ٿيندو. اسلام آباد جي ڪيرج فيڪٽري ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ 3 بوگيون تيار ڪيون ويون آھن. ھي ڪراچي جي تاريخ سڀ کان وڏو منصوبو ھوندو جنھن سان ٽريفڪ جي مسئلن ۾ ڪافي حد تائين گهٽتائي ايندي ۽ شھرين جي سفر ۾ آساني پڻ ٿيندي. اھڙن خيالن جو اظھار حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪندڙ بيان ۾ ڪيو. حنيد لاکاڻي چيو تھ ڪراچي شھر ۾ پرائيوٽ توڙي سرڪاري ٽرانسپورٽ جو اھڙو پلان نھ ھو جنھن سان شھر اندر ٽرانسپورٽ بھتر ڪري سگھجي. سرڪلر ريلوي سان شھر اندر سفر ۾ بھتري ايندي ۽ عوام کي ڪافي رليف ملندو. ھن چيو تھ شھر اندر ٽريفڪ سسٽم جو صحيح پلان نھ ھجڻ ڪري روزني جي بنياد تي ڪيترائي حادثا پيش اچن ٿا جنھن سان شھري پنھنجي زندگي وڃائي ويھن ٿا. ھن چيو تھ ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ پرائيوٽ آھي جڏھن تھ سڌريل ملڪن اندر پبلڪ ٽرانسپورٽ سرڪاري ھوندي آھي. حنيد لاکاڻي وڌيڪ چيو تھ ريلوي کاتي مطابق ڪراچي سرڪلر ريلوي جو منصوبو ٽن مرحلن ۾ مڪمل ٿيندو. پھرين مرحلي ۾ 32 ٽرينو ھلايون وينديون جنھن سان 16 ھزار شھرين کي سفر ڪرڻ ۾ فائدو ملندو. ٻئي مرحلي ۾ ٽرينن جو تعداد 48 ڪيو ويندو جنھن سان وڌيڪ شھري کي سفري سھولت فراھم ٿي سگھندي.

Read Previous

ميهڙ: نجي بئنڪ ۾ اوچتو باهه لڳي وئيفائربرگيڊ ۽ عملو باهه وسائڻ جي ڪوشش

Read Next

شھادت حضرت امام حسين رضي اللہ عنہ.

Most Popular