ميهڙ: نجي بئنڪ ۾ اوچتو باهه لڳي وئيفائربرگيڊ ۽ عملو باهه وسائڻ جي ڪوشش

ميهڙ (رپورٽر  ميربابا) ميهڙ الائٽيڊ بئنڪ ۾ اي سي جي وائرن مان اوچتو باھ لڳي وئي جڏهن ته اي سي مڪمل سڙي وئي باھ لڳڻ سان الائٽيڊ بئنڪ انتظاميا ۽ اتي موجود گارڊن پاران مڙسي ڪري باھ تي ڪنٽرول ڪري باھ وسائي ورتي ۽ بئنڪ کي گهڻي نقصان کان بچائي ورتو جڏهن ته ميونسپل وارن جي فائر برگيڊ ۽ عملو باھ وسائڻ کان اڌ ڪلاڪ پوءِ پهتو ۽ فائر برگيڊ پهتي ته بئنڪ انتظاميا پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائي چڪا هيا جڏهن ته ميونسپل فائر برگيڊ عملي پنهنجي ڪاغذي ڪارروائي پوري ڪرڻ لاء ۽ ميوسپل مان باه جي آڙ ۾ ڪرپشن ڪرڻ لاء پنن تي صحيح وٺڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا بئنڪ عملي هنن کي نه ڪري ڏني ۽ هو خالي واپس موٽي ويا.

Read Previous

مٽياري: ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڪرڻ لاءِ درگاھ سخي ھاشم شاھ کان برآمد ڪيو ويو هر طرف يا حسين يا حسين جو صدائون گونجنديون رهيون

Read Next

ڪراچي سرڪلر ريلوي بحالي لاءِ شھر اندر سفر ۾ آساني ٿي ويندي: حنيد لاکاڻي

Most Popular