حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جي شھيدن جو چاليھو نوابشاهه ۾ نھايت عقيدت و احترام سان ملھايو ويو،

نوابشاهه(رپورٽ دانش حيدر) حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جي شھيدن جو چاليھو نوابشاهه ۾ نھايت عقيدت و احترام سان ملھايو ويو، چاليھي جي سلسلي ۾ مرڪزي مرتضوي امام بارگاهه ۾ مجلس عزا ٿي جنھن کي مولانا معراج حسين لغاري خطاب ڪيو، بعد ۾ مرڪزي ماتمي جلوس برآمد ٿيو جنھن ۾ مختلف شھرن ۽ ڳوٺن کان آيل مرد ۽ عورتن ھزارين جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته مرڪزي ماتمي جلوس ۾ دوڙ، ٻانڌي، چيزل آباد، گپچاڻي، بوچھيري، سٺ ميل، ڳوٺ الھه رکيو ڪانھيو، نواز ڏاھري ۽ ٻين مختلف ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شھرن کان پيادل قافلا مرڪزي جلوس ۾ شريڪ ٿيا، جڏھن ته مرڪزي ماتمي جلوس ڪمشير چوڪ پھتو جتي ظھر جي نماز ادا ڪئي وئي بعد ۾ زنجير زني ڻ۽ گرزن سان ماتم ڪيو ويو، جڏھن ته ماتمي جلوس نوابشاهه ھائوس تي پھتو جتي سيد جنيد شاهه ۽ سيد حسنين شاهه پاران عزادارن کي نياز کارايو ويو جنھن بعد ماتمي جلوس امام بارگاهه مبدتاالعلوم ايسرپورہ پھتو جتي مجلس عزا منعقد ٿي جنھن بعد ماتمي پنھنجي روايتي رستن کان ٿيندو چڪرا بازار پھتو جتي مجلس عزا ٿي جنھن بعد عزادارن پاران زنجير زني ڪئي وئي، ماتمي جلوس ۾ علم پاڪ، تعزيه، ذوالجناح، جھولو ۽ زيارتون شامل ھيون، ماتمي جلوس جي گذر گاهن تي نياز ۽ سبيلن جو انتظام ڪيو ويو ھو، جڏھن ته دوڙ کان سوين عورتن جو پيادل قافلو مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شامل ٿيو، ماتمي جلوس جي حوالي سان ضلعي انتظاميه پاران سڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا ھئا، جڏھن ته جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ 5 سو پوليس اھلڪار، 50 رينجر اھلڪار، ليڊيز پوليس اھلڪار ۽ جعفريہ اسڪائوٽ جا جوان مقرر ڪيا ويا ھئا سيڪورٽي جا فرائض انجام ڏئي رھيا ھئا، جڏھن ته آخر ۾ ماتمي جلوس مرڪزي مرتضوي امام بارگاهه پھچي اختتان پذير ٿيو.

Read Previous

خيرپور : ڪربلا جي شهيد جي ياد ۾ چهلم جو ماتمي جلوس

Read Next

ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن جو رهواسي 22 سالن جو دودو چنو زرعي زمين کي ڦوهارو ڏيڻ سبب فوت

Most Popular