خيرپور : ڪربلا جي شهيد جي ياد ۾ چهلم جو ماتمي جلوس

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ ) خيرپور ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ چهلم جو ماتمي جلوس، علم پاڪ، تازيه، شبيهون، ذولجناح ۽ پينگها بر آمد، 250 کان وڌيڪ انجمنون ۽ ماتمي دستا پنج گله چوڪ تي مرڪزي جلوس ۾ شريڪ ٿيا، ماتمي جلوس دوران خيرپور جي مختلف چوڪ چوراهن تي نياز سبيلن جا وڏا اسٽال قائم، مرڪزي خطاب بعد پنج گله چوڪ تي زنجير زني، چاڪن ۽ گرزن سان ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سيڪيورٽي جا انتظام سخت. خبر موجب ڪربلا جي عظيم شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي خيرپور جي مختلف امام بارگاهن انجمن حيدري، فيض حُسيني، قصر زينب ثاني زهره، امام بارگاهه ڇتن شاهه، امام بارگاهه وڏو علم، قصرحسيني، بچل شاهه، شهيد بادشاهه، ڳاڙهي پل، محمد شاهه، دبير صاحب، گل مير بحر، خاڪي شاهه، جادو شاھ، اڇي کوهي، امام بارگاهه ڀرڳڙي سميت 250 کان وڌيڪ امام بارگاهن جا ماتمي جلوس بر آمد ٿيا، جيڪي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ ڇٽي چوڪ ۽ پنج گله چوڪ تي گڏ ٿيا، جتي چاڪن، گرزن، زنجيرن ۽ خنجرن جو ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته مرڪزي جلوس کي ذاڪرن خطاب ڪندي چيو ته ڪربلا مقتل سان گڏ هڪ وڏو مڪتب به آهي، ڪربلا ۾ امام عالي مقام پنهنجي اولاد سان گڏ عظيم قرباني ڏئي دين اسلام سان گڏ پوري انسانيت کي زنده ڪيو ۽ دفاع ڪيو، ذاڪرن چيو ته ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ جهولا، تعزيه، شبيهون، علم پاڪ، ذولجناح بر آمد ڪري اسان اُن امامن جي ڏنل عظيم قربانين جي ياد کي تازو ڪندا آهيون، ان موقعي تي شهر جي مختلف چوڪ چوراهن تي سبيلون ۽ نياز لنگر جا وڏا اسٽال قائم ڪيا ويا، جڏهن ته ماتمي جلوس دوران ايس ايس پي امير سعؤد منگسي جي نگراني ۾شهر جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي، ضلعي انتظاميه پاران ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرس جا سوين اهلڪار مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته پاڪ آرمي جي جوانن کي اسٽينڊ باءِ تي رکيو ويو هو، جڏهن ته صبح سوير کان ئي خيرپور جا داخلي ۽ خارجي رستا خار دار تارن سان سيل ڪيا ويا هئا، جلوس ۾ ايندڙ هر شخص جي تلاشي ورتي وئي ۽ جلوسن جي نگراني سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي ڪئي وئي.

Read Previous

شھادت حضرت امام حسين رضي اللہ عنہ.

Read Next

حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جي شھيدن جو چاليھو نوابشاهه ۾ نھايت عقيدت و احترام سان ملھايو ويو،

Most Popular