باڊھ (رپورٽر)ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن جو رهواسي 22 سالن جو دودو چنو زرعي زمين کي ڦوهارو ڏيڻ سبب فوت تفصيل موجب باڊھ ڀرسان ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن جو رھواسي 22 سالن جو نوجوان دودو چنو پنهنجي زرعي زمين کي ڦوهارو ڏئي رهيو هو ته اوچتو بيهوش ٿي ويو جنهن کي بروقت وارثن تعلقه اسپتال ڏوڪري پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.