نوازشريف جي اشتهار ذريعي طلبي، حڪومت رقم عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آبا: اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي اشتهار ذريعي طلبي جي معاملي تي وفاقي حڪومت رقم عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه اسٽيل ملز ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف جي طلبي لاءِ قومي اخبارن ۾ اشتهار ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت جي حڪم تي عمل ڪندي وفاقي حڪومت نوازشريف لاءِ اخبار ۾ اشتهار جي خرچن جي رقم عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق کوکر موجب عدالت جي حڪم تي ڪن به ٻن اخبارن ۾ اشتهار ڏيڻو آهي. طارق کوکر جو چوڻ هو ته عدالت وفاق کي اخباري اشتهار لاءِ فيس جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي. وفاقي حڪومت پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل خط ۾ گذارش ڪئي وئي آهي ته انصاف جي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي اشتهار ڏيڻ جو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي.

Read Previous

ظالم حڪومت کي گهر ڀيڙو ضرور ڪنداسين:مولانا فضل الرحمان

Read Next

نوازشريف لنڊن ۾ ويهي پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ تحريڪ پيو هلائي:وزيراعظم

Most Popular