نوازشريف لنڊن ۾ ويهي پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ تحريڪ پيو هلائي:وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوازشريف لنڊن ۾ ويهي پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ تحريڪ هلائي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ آل پاڪستان انصاف لائرز فورم جي سيمينار ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مدينا جي رياست جو بنياد قانون جي بالادستي هو ۽ مدينا جي رياست ۾ ڪو به قانون کان مٿي نه هو تنهن ڪري قانون جي بالادستي کانسواءِ خوشحالي ممڪن ناهي. وزيراعظم عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي پاڪستان لاءِ تمام گهڻو اهم وقت آهي، سمورا بيروزگار سياستدان گڏ ٿيا آهن، پڇيو وڃي ته هو سمورا ڇو گڏ ٿيا آهن، هو سڀ ان ڪري گڏ ٿيا آهن ڇو ته هو قانون جي بالادستي نٿا چاهن، هو چون ٿا اسان چوري ڪيون ۽ ڌاڙون هڻون ته ڪو انهن کان پڇا نه ڪري، عدالت 2 سالن کانپوءِ فيصلو ڏئي ڏئي ٿي ته پڇن ٿا مونکي ڇو ڪڍيو ويو، سپريم ڪورٽ جو فيصلو نٿا مڃن، ان ڪري نٿا مڃن جو قانون اسان کان مٿي آهي، اهوئي پاڪستان لاءِ فيصلائتو وقت آهي.  

Read Previous

نوازشريف جي اشتهار ذريعي طلبي، حڪومت رقم عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

Read Next

بگ باس اسٽار ثناء خان اسلام خاطر شوبز جي دنيا کي ڇڏي ڏنو

Most Popular