سانگهڙ: پاڪ آرمي پاران لکين روپين جي ماليت جو طبي سامان ڏنو ويو

سانگهڙ   (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي ) پاڪ آرمي ضلعي انتظاميا سانگهڙ ۽ مختلف غير سرڪاري تنظيمن جي سهڪار سان ضلعي جي پادري ڳوٺ کي هڪ مٽالي ڳوٺ بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي ان سلسلي ۾ پھرين مرحلي ۾ ملٽيسر انٽرنيشنل سانگهڙ طرفان سانگهڙ شهر کان ٿوري ئي فاصلي تي واقع پادري ڳوٺ جي ڊسپينسري جي لاءِ طبي سامان حوالي ڪيو ويو. پاڪستان آرمي طرفان جاري ڪيل پريس رليز مطابق پادري ڳوٺ کي ماڊل وليج جو درجو ڏنو ويو آهي جتي طبي سهولتن کان سواءِ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. پريس رليز مطابق مسيح برادري ملڪ جو هڪ اهم حصو آهي جن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري سندس معيار زندگي کي تبديل ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ ملٽيسر انٽرنيشنل جي نيشنل پروگرام مينجر مبشر سومرو طرفان ڊسپينسري جي لاءِ لکين روپين جي ماليت جو طبي سامان ڏنو ويو آهي ته جئين ڊسپينسري ۾ سهولتن جي اڻاٺ کي پورو ڪري سگهجي،

Read Previous

اڳوڻي صوبائي وزير مير غلام محمد شھلياڻي جي گهرواري جو اڄ ٽيجھو ٿي گذريو

Read Next

سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف سنڌ ادبي سنگت شاخ جو احتجاجي مظاهرو

Most Popular