سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف سنڌ ادبي سنگت شاخ جو احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه(رپورٽ دانش حيدر) سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف سنڌ ادبي سنگت شاخ نوابشاھه پاران مرڪزي سڏ تي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي سنڌي ادبي سنگت جي بخشل باغي، ستار سندر، وسيم سومرو، منور سراج، امداد رند، نواز ڏاھري، ايس يو پي جي مجيب ماڇي، سھراب تنيو، مير بيتاب پريو، جھانگير ڏاھري، محسن جمالي، گل حسن ديناري، اسير ڏاھري، گل خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جو فتح ٿيل علائقو ناھي جنھن تي عوام ۽ سنڌ دشمن آرڊيننس مڙھيا پيا وڃن، ھنن چيو ته سنڌ جي ملڪيتن سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي قبضا گيري واري عمل ۾ سنڌ حڪومت برابر جي شريڪ آهي، ھنن چيو ته ترقي جي نالي تي سنڌ جي ملڪيتن، ٻيٽن ۽ زمينن تي قبضو ڪرڻ آھي، ھنن چيو ته غريب سنڌ واسين ۽ ماھيگيرن تي وڏين عمارتن جا ڪوڙا خواب ڏيکاريا پيا وڃن، ھنن چيو سنڌي قوم ھميشه سنڌي دشمن منصوبن خلاف مزاحمت ڪئي آهي ۽ ھاڻ به جدوجهد سان سنڌ دشمن فيصلن خلاف روڊن رستن تي مھاڏو اٽڪائينداسين، ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ملڪيتن تي قبضي وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

سانگهڙ: پاڪ آرمي پاران لکين روپين جي ماليت جو طبي سامان ڏنو ويو

Read Next

سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف جو احتجاجي مظاهرو

Most Popular