نوشهروفيروز: سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار حميد سنڌي جي 81هين سالگرهه جي تقريب

نوشهروفيروز(ڊ ر) سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار حميد سنڌي جي 81هين سالگرهه جي تقريب پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ بزم روح رهاڻ پاران منعقد ڪئي وئي جنهن کي خطاب ڪندي بزم جي ضلعي صدر استاد اقبال حسين ميمڻ چيو ته حميد سنڌي سنڌ جو ناميارو برک ڪهاڻيڪار هو جنهن جي ڪهاڻين ۾ ٻولي، ادب ۽ تخليقي انداز انتهائي نرالوهيو.هن ڪهاڻين ۾ انتهائي سادي ٻولي استعمال ڪئي ته جيئن عام پڙهندڙ سولائي سان سندن ڪهاڻين کي آساني سان پروڙي سگهي. تقريب کي خطاب ڪندي پريس ڪلب جي صدر محمد يونس راڄپر، جنرل سيڪريٽري مشتاق حسين مري، امجد ميمڻ، گل مورو، محمد فاروق وسطڙو، ايم ظفر تڳر، جبار ملاح، ساگر يوسف منگي، زاهد راڄپر، علي نواز ناز سولنگي، خالد پيرزادو، منصور ميمڻ ۽ ٻين چيو ته ون يونٽ واري ڏکئي دوري ۾ بزم روح رهاڻ رسالو حميد سنڌي جاري ڪري اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان رسالي مٿان بندش به وڌي وئي پوءِ به آخري گهڙي تائين حميد سنڌي حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾ بزم روح رهاڻ جو سفر جاري رکيو سندس ڪيل خدمتون تاريخ جو هڪ حصو آهن جنهن کي وساري نه ٿيون سگهجن. ان موقعي تي حميد سنڌي جي 81هين سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو ويو.

Read Previous

حڪومت طرفان تعليمي ادارن تي توجه نه ڏيڻ افسوسناڪ عمل آھي.خليل الرحمان سرڪي

Read Next

نوابشاهه جي نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ ڊاڪٽر پنھنجي مبينه غفلت سبب ھرنيا جو آپريشن ڪندي معصوم ٻارڙي جو نازڪ عضوو ڪٽي ڇڏيو

Most Popular