حڪومت طرفان تعليمي ادارن تي توجه نه ڏيڻ افسوسناڪ عمل آھي.خليل الرحمان سرڪي

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري) حڪومت طرفان تعليمي ادارن تي توجه نه ڏيڻ افسوسناڪ عمل آھي.خليل الرحمان سرڪي تعلقي ڳڙھي خيرو ۾ ڊگري ڪاليج نه هجڻ خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ هلائي ويندي.غلام مرتضي حيدري خبر موجب جمعيت طلباء اسلام ضلع جيڪب آباد جي عهديدارن جو اهم اجلاس جامع مسجد ۾ ضلعي صدر خليل الرحمان سرڪي جي صدارت ۾ ٿي گذريو, اجلاس کي غلام مرتضي حيدري, مولانا عبدالقدير حنفي, محڪم الدين بروهي, رفيع الله ٻرڙو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪومت طرفان تعليمي ادارن تي توجه نه ڏيڻ افسوسناڪ عمل آھي, اسان جي ضلعي جيڪب آباد جي اڪثر تعليمي ادارن ۾ سهلوتون موجود ناهن. انهن اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته تعليمي ادارن جو وزٽ ڪري ڪمزور بلڊنگن کي نئين سر تعمير ڪيو وڃي ۽ تمام اسڪولن کي هر سهولتون ڏنا وڃن. انهن وڌيڪ چيو ته تنظمي ڪم کي اڳتي فعال ڪرڻ لاء ضلعي جي تمام يونٽن جو دورو ڪري تعلقي سطح تي تربيتي ڪنوينشنز منعقد ڪيا ويندا جنهن ۾ اسڪول ڪاليج ۽ مدرسي جي شاگردن کي دعوت ڏني ويندي. ۽ ڳڙھي خيرو ۾ ڊگري ڪاليج نه هجڻ خلاف تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

Read Previous

سنڌ جي سياحت کاتي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اعجاز احمد شيخ چوٽياريون ڊئم تي موجود سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي بقار ليڪ ريزارٽ جو دورو

Read Next

نوشهروفيروز: سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار حميد سنڌي جي 81هين سالگرهه جي تقريب

Most Popular