سربراھ بيت المال سنڌ حنيد لاکاڻي جو نئي ضلعي ڪيماڙي جو دورو

ڪراچي : سربراھ بيت المال سنڌ حنيد لاکاڻي جو ڪراچي جي نئي ضلعي ڪيماڙي جي مختلف ھنڌن جو دورو. دوري دوران شھرين جي شڪايتن جا انڀار لڳي ويا. پيئڻ جي پاڻي سميت بنيادي سھولتن جو فغدان آھي شھرين جون شڪايتون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھيندي حنيد لاکاڻي چيو تھ چونڊيل نمائيندا صرف ووٽ وٺڻ لاءِ عوام کي استعمال ڪندا آھن باقي بنيادي مسئلن تي ڪنھن جو بھ ڌيان ناھي. ھن چيو تھ ڪيماڙي شروع کان بنيادي مسئلن کان محروم بڻيل آھي. چونڊيل نمائيندا ووٽ وٺي واپس اچن ھي نٿا. ھن چيو تھ ھتان کان ھميشھ پيپلزپارٽي جا نمائيندا اليڪشن کٽيندا آھن. پر بدقسمتي سان ھن وقت تائين ڪنھن بھ قسم جو ترقياتي ڪم ناھي ٿي سگھيو. ھتان جا ماڻھو اڄ بھ پئيڻ جي صاف پاڻي سميت سمورن بنيادي مسئلن کان محروم بڻيل آھن. ھن چيو تھ اعليٰ ايوانن ۾ ويٺل نمائيندن جو ڪو بھ ڌيان ناھي. حنيد لاکاڻي چيو تھ گذريل ڏينھن اسان پنھنجي مدد پاڻ عوام جي سھولت لاءِ فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي جنھن سان ماڻھن کي ڪجھ رليف ملي سگھيو. پيپلزپارٽي گذريل 12 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رھي آھي پر ڪراچي سميت سنڌ ۾ بنيادي مئسلن تي ڪو بھ ڌيان ناھي. اڄ بھ ماڻھو پئڻ جي پاڻي، تعليم ۽ صحت کان محروم آھن. حنيد لاکاڻي وڌيڪ چيو تھ ڪيماڙي جي مسئلن کي ايوانن تائين پھچائيندس ۽ ھتان جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪنداس. ان موقعي تي پي ايس 113 پي ٽي آئي جي ايم پي اي شاھنواز جدون ۽ ٻيا اڳواڻ بھ موجود ھئا.

Read Previous

حيدر آباد ريجن سنڌ پوليس جي ايڊيشنل جي ڊاڪٽر جميل احمد جي ٽنڊوالهيار آمد جي موقعي تي ايس ايس پي آفيس ۾ انجمن تاجر اتحاد ٽنڊوالهيار جي وفد سان ملاقات ڪئي

Read Next

پاڪستاني ٽڪ ٽاڪرز کي وڏو ڌڪ، ايپليڪيشن تي پابندي

Most Popular