پاڪستاني ٽڪ ٽاڪرز کي وڏو ڌڪ، ايپليڪيشن تي پابندي

اسلام آباد: پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) آخرڪار شارٽ ويڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ کي اڻ وڻندڙ مواد نه هٽائڻ تي ملڪ ۾ بند ڪري ڇڏيو.پي ي اي طرفان جاري بيان موجب ٽڪ ٽاڪ، ڏنل مدي دوران ايپليڪيشن تان اڻ وڻندڙ ۽ تڪراري مواد کي هٽائڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن جي ڪري ئي ٽڪ ٽاڪ کي ملڪ ۾ بند ڪيو پيو وڃي.پي ٽي اي موجب چيني ايپليڪيشن جي انتظاميا کي هر هر تڪراري ۽ نامناسب مواد هٽائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون، پر ايپ انتظاميا ائين ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي موجب تڪراري ۽ نامناسب مواد کي نه هٽائڻ جي ڪري ئي ٽڪ ٽاڪ تي 9 آڪٽوبر کان پابندي لاڳو ڪئي وئي.

Read Previous

سربراھ بيت المال سنڌ حنيد لاکاڻي جو نئي ضلعي ڪيماڙي جو دورو

Read Next

رابي پيرزادا ترڪ صدر جي پينٽنگ ٺاهڻ سان گڏوگڏ وڏي خواهش به ظاهر ڪري ڇڏي

Most Popular