ٽنڊوالھيار (رپورٽر)ٽنڊوالھيار ڊسٽرڪٽ انچارج جي اڳواڻي ۾ ماحولياتي انسپيڪٽرن سان گڏ مختلف سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۽ ليبارٽرين تي ڇاپا ھنيا، اسپتالن مان نڪرندڙ گند ڪچري کي ماحولياتي قانوني 2014 موجب ضائع نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار، صوبائي وزير اداره تحفظ ماحوليات سنڌ ۽ ڪوسٽل ڊوليمينٽ ۽ موسمياتي تبديلي بيريسٽر مرتضي وھاب ۽ڊائريڪٽر جنرل اداره تحفظ ماحوليات نعيم احمد مغل ۽ ريجنل انچارج اداره تحفظ ماحوليات عمران عباسي جي ھدايت تي ڊسٽرڪٽ انچارج شاھ خالد جي اڳواڻي ۾ ماحولياتي انسپيڪٽرن رياض الدين يوسف زئي ۽ محمد فرحان خانزاده سان گڏ مختلف سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۽ ليبارٽرين تي ڇاپا ھنيا اسپتالن مان نڪرندڙ گند ڪچري کي ماحولياتي قانوني 2014 موجب ضايع نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، جلد کان جلد اسپتال ويسٽ مينجيمنٽ پلان ۽ اسپتالن مان نڪرندڙ زھريلو مواد (سيپا) ايڪٽ 2014 موجب انسنيريٽر ۾ ضائع ڪرڻ جي ھدايت ڪئي رابطو ڪرڻ تي ڊسٽرڪٽ انچارج شاھ خالد ٻڌايو ته ڊائريڪٽر جنرل اداره تحفظ ماحوليات نعيم احمد مغل ۽ ريجنل انچارج عمزان عباسي جي خاص ھدايتن تي اڄ اسان ضلعي ٽنڊوالھيار ۾ سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۽ ليبارٽرين جو اوچتو دورو ڪيو آھي اسپتال ويسٽ مئنيجمينٽ پلان ۽ اسپتال ۽ ليبارٽرين جو ڪن ڪچرو ماحوليات کاتي جي قانون موجب ضايع نه ڪرڻ تي مٿن سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي سمورين اسپتالن ۽ ليبارٽرين کي ھدايت ڪئي وئي آھي ته جلد کان جلد پنھنجين اسپتالن ۾ ويسٽ مئنجيمينٽ پلان ۽ انسنيريٽر پلانٽ لڳرائين ۽ پنھنجين اسپتالن جي زھريلي مواد کي ماحولياتي قانون 2014 موجب انسنيريٽر ۾ ضائع ڪن ھدايتن تي عمل نه ڪندڙن خلاف سنڌ انوائرئمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي 2014 ايڪٽ جي قانون تحت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي