پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر

سکر: : پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه مٿان 24 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي. احتساب عدالت سکر ۾ آمدني کان وڌيڪ  اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي عدالت پ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ ٻين تي 24 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. احتساب عدالت قومي احتساب بيورو(نيب) جي حتمي ريفرنس جي درخواست منظور ڪري ورتي. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ پ پ جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبرخورشيد شاهه ۽ ان جي پٽ  صوبائي اسيمبلي ميمبر فرخ شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. خورشيد شاهه ۽ ان جي 18 ساٿين تي احتساب عدالت ۾ هڪ ارب 23 ڪروڙ روپين جي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهي. هوڏانهن پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان رياست جي رٽ کي چيلنج ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ٽائيگر فورس کان مهانگائي تي ڪم ڪرائڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي ڇو ته ڪوبه سرڪاري ڪم پرائيويٽ سيڪٽر کان نٿو ڪرائي سگهجي.  هن چيو ته ٽائيگر فورس جي اهڙي مثال آهي جو گوشت جي چوڪيداري تي ٻلي کي ويهاريو وڃي. ملڪ جي آئين تحت مسئلن جو حل ڪڍي سگهجي ٿو. خورشيد شاهه چيو ته هاڻ اپوزيشن تي تمام وڏي ذميواري آهي اپوزيشن جو ڪم مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ آواز اٿارڻ آهي جڏهن ته هاڻ ڪو به سياسي اڳواڻ ناهي بچيو جنهن کي هنن غدار قرار ناهي ڏنو.  وزيراعظم آزاد ڪشمير تي به غداري جو ڪيس ٺاهيو ويو. پ پ اڳواڻ چيو ته دهشتگردي جا واقعا سڀني جي لاءِ چيلنج آهن ۽ سمورن ادارن کي گهرجي ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڪن ڇو ته دشمن اسان جي مٿان ويٺل آهي ۽ اهو ڪڏهن به نٿو چاهي ته پاڪستان ترقي ڪري.

Read Previous

احتساب جي نالي تي تماشو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۽ نيب گڏ نٿا هلي سگهن: شاهد خاقان عباسي

Read Next

مولانا عادل قتل ڪيس: سنڌ حڪومت شيخ رشيد کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Most Popular