مولانا عادل قتل ڪيس: سنڌ حڪومت شيخ رشيد کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي: : سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني مطالبو ڪيو آهي ته شيخ رشيد کي مولانا عادل قتل ڪيس  جي سلسلي ۾ ٿيندڙ جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.  ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته مولانا ڊاڪٽر عادل جي شهادت انتهائي افسوسناڪ آهي ۽ ان جي هر طريقي سان جاچ ٿي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت مٿان تنقيد ٿي رهي آهي ته مولانا عادل کي سيڪيورٽي ناهي ڏني وئي پر مان اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته عدالت جي ٿريٽ اسسمنٽ ڪميٽي جي ڪري اسان لاءِ تمام گهڻيون پريشانيون آهن.  سنڌ جو وڏو وزير به ڪنهن کي سيڪيورٽي نٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته مولانا عادل پاڻ سيڪيورٽي جي لاءِ نه چيو هو ان جي پٽ سيڪيورٽي جي لاءِ چيو هو جنهن تي اسان ڪم ڪري رهيا هئاسين. اهو به ٻڌائي ڇڏيان ته هڪ  ٻئي مولانا صاحب به سيڪيورٽي جي لاءِ چيو آهي پر 8 مهينا گذرڻ جي باوجود اسان کيس  سيڪيورٽي نٿا ڏئي سگهون ڇو ته تهريٽ اسسمنٽ ڪميٽي ۾ مختلف ادارن جا ماڻهو آهن. هڪ چوي ٿو ته سيڪيورٽي ڏئي ڇڏيو ته ٻيو چوي ٿو نه نه ڏيو.  سعيد غني چيو ته شيخ رشيد  هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي هئي جنهن ۾ هن چيو ته اپوزيشن جي جلسي ۽ جلوسن ۾ ڪورونا پکڙجڻ ۽ دهشتگردي جو امڪان آهي. هن وڌيڪ چيو ته شيخ رشيد جي بيان کان پوءِ مولانا عادل تي حملو ٿيو. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته مولانا عادل قتل ڪيس ۾ شيخ رشيد کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ان کان ڄاڻ ورتي وڃي ته ان وٽ ڪهڙا ذريعا آهن جيڪي کيس  مختلف خبرون ڏيندا آهن. ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني ۾ مولانا عادل ۽ ان جي ڊرائيور کي فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو هو.

Read Previous

پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر

Read Next

پاڪستاني اداڪاره ماهره خان بهترين اداڪاره جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

Most Popular