معدي ۾ انفيڪشن سبب ڪرس گيل دبئي جي اسپتال ۾ داخل

دبئي: :  ويسٽ انڊيز جو رانديگر ڪرس گيل معدي  ۾ انفيڪشن سبب متحده عرب امارات جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي پر اتي به هو پنهنجي دلچسپ حرڪتن کان باز ناهي آيو. گيل پنهنجي آئي پي ايل ٽيم ڪنگز اليون پنجاب طرفان هلندڙ سيزن ۾ اڃان تائين هڪ ميچ  ناهي کيڏيو. گذريل هفتي ڪوچ انيل ڪمبلي چيو هو ته گيل معدي ۾ انفيڪشن سبب علاج هيٺ آهي.  جنهن کان پوءِ ڪرس گيل پنهنجي هڪ تصوير انسٽاگرام تي جاري ڪئي جنهن سان گڏ هن لکيو آهي ته مان اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته مان ڪڏهن به همت نه هاريندس، مان يونيورس باس آهيان ۽ هي شيءَ ڪڏهن به تبديل نه ٿيندي. اوهان مون کان سکي سگهو ٿا پر اهو به ضروري ناهي ته اوهان اهو هر ڪم ڪريو جيڪو مان ڪريان ٿو.  ياد رهي ته آءِ پي ايل ۾ سڀني کان وڌيڪ 326 ڇڪا  لڳائڻ جو اعزاز گيل کي ئي حاصل آهي هن ئي انهي ايونٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ 4484 رنسون 151 کان وڌيڪ جي اسٽرائيڪ ريٽ سان 125 ميچن ۾ اسڪور ڪيو آهي.

Read Previous

پي سي بي انڊر نائٽين ون ڊي ٽورنامينٽ جي انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

شريف جي ڀرسان لڳ بوبڪ ڳوٺ عيسئ خان رودناڻي ۾ عيسئ خان سندس پٽن ڳوٺاڻن سان احتجاج

Most Popular