پي سي بي انڊر نائٽين ون ڊي ٽورنامينٽ جي انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي)  شروع ٿيندڙ انڊر 19 ون ڊي ٽورنامينٽ جي انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نيشنل انڊر 19 ون ڊي ٽورنامينٽ ۾ 20 لک روپين تائين جي انعامي رقم جي ورهاست ڪئي ويندي. 21 ڏينهن واري ايونٽ جي فاتح ٽيم کي 10 لک ۽ رنرز اپ کي 5 لک روپيه انعام ڏنو ويندو. پي سي بي طرفان ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگر، بيٽسمين، وڪيٽ ڪيپر ۽ بالر کي 50-50 هزار روپيه ملندا ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي 10 هزار روپيه ڏنا ويندا.  ڊبل ليگ جي بنياد تي کيڏيل ايونٽ ۾ سنڌ انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم ٽائٽل جو دفاع ڪندي. انڊر 19 رانديگرن جي ڪرڪيٽ سرگرمين جي شروعات 13 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو. 6 ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي انڊر 19 ٽيمون 5 نومبر کان نيشنل انڊر 19 ٿري ڊي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪندي ٽورنامينٽ جو فائنل 2 نومبر تي کيڏيو ويندو.  ٽورنامينٽ کان اڳ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي انڊر 19 اسڪواڊ ۾ شامل گڏيل طور تي 19 رانديگرن جا ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. ڪورونا وائرس سبب سمورين ٽيمن کي بائيو سيڪيور ماحول ۾ رکيو ويندو.

Read Previous

چين ايٽمي معاهدي تي ايران جي حمايت ۽ وچ اوڀر ۾ نئين فورم جي جوڙجڪ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Read Next

معدي ۾ انفيڪشن سبب ڪرس گيل دبئي جي اسپتال ۾ داخل

Most Popular