ھن وقت ملڪ جي معاشي حالتون انتھائي خراب آھن ،پي ٽي آئي حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ کي داء تي لڳائي ڇڏيو آهي: خورشيد شاهه

سکر : (رپورٽ .امداد علي گل ڪلوڙ )خورشيد شاهه جي  آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس  واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي آھي خورشيد احمد شاهه کي سخت سيڪيورٽي هيٺ اين آئي سي وي ڊي اسپتال کان ايمبولينس ذريعي احتساب عدالت پھچايو ويو،احتساب عدالت پاران محفوظ ڪيل فيصلو اڄ ٻڌاءي  ڇڏيوخورشيد شاھ ۽ ٻين خلاف حتمي ريفرنس آڻڻ جي درخواست منظور ڪندي حتمي ريفرنس آڻڻ بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ،عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي 24 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي،عدالت 5 آڪٽوبر تي فيصلو محفوظ ڪيو ھو،نيب خورشيد شاهه سميت 17 ڄڻن کي ريفرنس ۾ نامزد ڪيو آھي ،نيب خورشيد شاهه خلاف ھڪ ارب 23 ڪروڙ جو ريفرنس داخل ڪيو آھي،ان موقعي تي خورشيد شاھ احتساب عدالت ٻاھريا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھن وقت ملڪ جي معاشي حالتون انتھائي خراب آھن ،پي ٽي آئي حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ کي داء تي لڳائي ڇڏيو آهي، خورشيد شاھ چيو ته ملڪ جي مسئلن جو حل رڳوپارليامينٽ ۾ ئي آھي،پارليامينٽ ۾ ملڪ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪياويندااھن،خورشيد شاھ چيو ت مونتي لڳايل الزام ڪوڙا آھن ،1975 ۾ ورتل پراپرٽي جو اگھ اڄ جي حساب سان لڳايو ويو آهي ،مھانگائي سبب عوام پريشان حال آھي،ملڪ جي ادارن کي اپيل ٿو ڪيان ته ملڪ کي بچائڻ لاء جوڳا اپاءَ وٺڻ گهرجن، خورشيد شاهه چيو ته عمران خان رياست جي رٽ کي چئلينج ڪري رھيو آھي، ڪوئي به سرڪاري ڪم پرائيويٽ سيڪٽر مان ناھي ٿيندو ، ٽائيگرز فورٽ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرائڻ لاء قانوني جي خالد ورزي آهي، ملڪ جا آئيني تحت مسئلا حل ڪرڻ گھرون ٿا ، موجودا حڪومت پارليامينٽ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ھاڻي ڪوئي سياستدان ناھي بچو جنھن کي غدار قرار ناھي ڏنو ويو

Read Previous

تعليمي ادارا صحت جھڙيون سھولتن سميت سڀ سھولتون فراھم ڪيون اڄ اھو ان جي قيمت ادا ڪري رھيو آھي: سحر ڪامران

Read Next

18 آڪٽوبر وارو سانحو شھيدن جو ڏھاڙو آھي، اسان جا لکين ڪارڪن ان ڏھاڙي تي جلسي ۾ شرڪت ڪندا: نثار کهڙو

Most Popular