18 آڪٽوبر وارو سانحو شھيدن جو ڏھاڙو آھي، اسان جا لکين ڪارڪن ان ڏھاڙي تي جلسي ۾ شرڪت ڪندا: نثار کهڙو

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) ڪار ساز سانحي جي حوالي سان 18آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ رٿيل جلسي جي حوالي سان نوابشاهه پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙي جي صدارت ۾ اجلاس ٿي گذريو اجلاڏس ۾ شھيد بينظير آباد ڊويزن جي ٽنھي ضلعن نوابشاهه، سانگهڙ ۽ نوشهرو فيروز جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ۽ سينٽرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 18 آڪٽوبر وارو سانحو شھيدن جو ڏھاڙو آھي، اسان جا لکين ڪارڪن ان ڏھاڙي تي جلسي ۾ شرڪت ڪندا، ھن چيو ته ھن چيو ته ھي جلسو نااھل ۽ ڪرپٽ حڪومت خلاف ريفرنڊم ثابت ٿيندو، اسان سنڌ جي ٻيٽن کي وفاق حوالي نه ڪيو آهي، وفاقي حڪومت جو ھاڻي وڃي صوبن تي قبضو ڪرڻ بچو آھي، ھن چيو ته پھريان وفاق سنڌ جي ھڪ ٻن ٻيٽن جي ڳالهه ڪري ھاڻي سنڌ جي 3 سو ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي ۽ ھن چيو ته وفاق کي سنڌ حڪومت سان ڳالھيون ڪرڻ گھرجن ھا پر وفاق زبردستي آرڊيننس جاري ڪري سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿي، ھن چيو ته وزيراعظم مھانگائي خلاف ٽائيگر فورس ٺاھي سولين جھيڙو ڪرائڻ چاهي ٿو ۽ فورس پرائيويٽ ماڻھن تي ٻڌل آهي ۽ اھا ٽائيگر فورس مھانگائي تي ڪنٽرول ڪندي يا دوڪاندارن جو سامان کڻي کپائي ڇڏيندي، ھن چيو ته ٽائيگر فروس ۽ دوڪاندارن ۾ روز لٺبازي ۽ جھيڙو معمول بڻيل ھوندو، ھن چيو ته پنجاب ۾ 45 ٽن ڪڻڪ موجود ھئي اوچتو اھا ڪڻڪ غائب ڪري مھانگائي جو جن بوتل مان ٻاهر ڪڍي ويو، ھن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ جيڪو پيٽرول جو اگهه آهي ان جي نسبت اسان وٽ سنڌ ۾ 40 کان 50 روپيا ليٽر ٿيڻ گھرجي ليڪن ھتي وفاق پاران ھٿرادو مھانگائي ڪري عوام کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آهي، ھن چيو ته سنڌ ھميشه وفاق کي گھڻو ڪجھه ڏنو آهي پر وفاق سنڌ کان ھميشه کسيو آهي، ھن چيو ته اسان وفاق کي سنڌ کي وسيلن تي ڪڏهن به قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، ھن چيو ته وفاق برسات متاثرين لاءِ ھڪ روپيو به نه ڏنو ويو آهي، جڏھن ته ان موقعي تي سينيئر عاجز ڌامراھه، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، امام الدين شوقين، ضياءُ الحسن لنجار، سرفراز شاهه، سرفراز راڄڙ، نعمان شيخ ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.

Read Previous

ھن وقت ملڪ جي معاشي حالتون انتھائي خراب آھن ،پي ٽي آئي حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ کي داء تي لڳائي ڇڏيو آهي: خورشيد شاهه

Read Next

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خلاف شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ واري عمل خلاف ايڊمن بلاڪ جي سامهون احتجاجي

Most Popular