اسان مختلف يونين ڪائونسلن جا سوين ووٽر آهيون جيڪي اڄ اجتماعي طور تي عهدن ء بنيادي ميمبر شپ تان استعيفائون ڏيون ٿا

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي) قاضي احمد ۾ سوين مسلم ليگ فنڪشنل جي ڪارڪنن پريس ڪلب قاضي احمد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي اجتماعي مسئلن ڏنگي ء ڀنڊار ٻيٽن، صوبائي خودمختياري ء ٻرندڙ اشوز تي مجرماڻي خاموشي ء وفاق سان ٻٽ بڻجڻ اسان کي شڪ ۾ وجهي ڇڏيو آهي هنن چيو ته اسان مختلف يونين ڪائونسلن جا سوين ووٽر آهيون جيڪي اڄ اجتماعي طور تي عهدن ء بنيادي ميمبر شپ تان استعيفائون ڏيون ٿا.  پارٽي قيادتن جي ھٺ ڌرمي ء ڪارڪنن کي نظرانداز ڪرڻ واري عمل خلاف اڄ مسلم ليگ فنڪشنل جي سوين ڪارڪنن ء تعلقي عهديدارن جي موجودگي پريس ڪلب قاضي احمد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ فنڪشنل کي الوداع ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي مسلم ليگ فنڪشنل تعلقہ اڳواڻن حفيظ الرحمان جوڻو، استاد عبدالله چانڊيو، ابراهيم چانڊيو، اياز راهو، حاجي راهو ء ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان مسلم ليگ فنڪشنل جا سرگرم ڪارڪن آهيون، اسان پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڳڙھ ۾ ويھي ڪانٽي جا مقابلا ڪيا، پر مرڪزي قيادت سميت مقامي قيادت به اسان کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته تنظيمي اصولن جون پڻ ڀڃڪڙيون ڪندي رهي آهي، ڪارڪنن سان صلاح مشورو يا انهن جا مسئلو مسائل ڪير پڇڻ وارو ناهي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان مسلم ليگ فنڪشنل تعلقي قاضي احمد جي صدر جي هر حڪم کي لبيڪ ڪيو آهي پر اڄ سيد آصف علي شاھ اسان کي مڪمل طور نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته پارٽي اندر اڳواڻ پاڻ کي ليڊر ٿا سمجهن پر ڪارڪنن جي ڪابه اهميت ناهي ٻيو ته مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي اجتماعي مسئلن ء ٻرندڙ اشوز تي مجرماڻي خاموشي اسان کي شڪ ۾ وجهي ڇڏيو آهي هنن چيو ته اسان مختلف يونين ڪائونسلن جا سوين ووٽر آهيون جيڪي اڄ اجتماعي طور تي عهدن ء بنيادي ميمبر شپ تان استعيفائون ڏيون ٿا.

Read Previous

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خلاف شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ واري عمل خلاف ايڊمن بلاڪ جي سامهون احتجاجي

Read Next

ن ليگ جي ضلعي صدر ايڊو ڪيٽ ملڪ وسيم اعواڻ جي نگراني ۾ ڀرياروڊ جي سٽي باڊي چونڊي وئي

Most Popular